ڪراچي (رپورٽر ) سچل ٿاڻي جي حد ۾ ابوالحسن اصفهاني روڊ الرحيم جنرل اسٽور تي چوري جو واقعو ناڪام، جوابدار گرفتار، ايس ايس پي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ مطابق موٽرسائيڪل سوار 3 ھٿياربند جوابدار ڦر جي ارادي سان الرحيم جنرل اسٽور وٽ آيا، علائقي واسين جي شور سبب جوابدار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. هوڏانهن هٿياربندن جي فائرنگ سبب سندس ئي ساٿي زخمي ٿي پيو، اطلاع ملڻ تي گشت تي موجود پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.