ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته سنڌ جا حڪمران چاهين ٿا ته صوبو وڌيڪ ٻڏي ۽ دولت گڏ ٿئي، خدشو آهي ته منڇر ڍنڍ کي ڪٽ هڻي شهرن کي ٻوڙيو ويندو. ڪراچي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بدين ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي، دادو ۾ ٻوڏ سبب ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. زميني رستا ڪٽجڻ سبب ٻيڙين تي سفر ڪيو پيو وڃي. متاثر علائقن کي فوري طور تي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي، جتي برسات جو پاڻي بيٺل آهي، ان جي نيڪال جو ڪم ڪيو وڃي ۽ جن ماڻهن جا گهر ٻوڏ ۾ ٻڏي ويا آهن انهن کي فوري طور گهر ڏنا وڃن. سنڌ ۾ برساتن سبب 47 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، برساتن سبب ڪراچي جو انفراسٽرڪچر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي. منصوبابندي ۽ ترقي واري کاتي ۾ 32 ارب رپين جي منصوبن ۾ ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جو تڪ تيز برساتن سبب وڌيڪ متاثر آهي، سنڌ حڪومت 20 لک گهرن جو اعلان فنڊن لاءِ ڪيو آهي. اعلانيل 10 سيڪڙو ماڻهن کي گهر نه ملي سگهيا آهن.