ڳاڙهو (رپورٽ: محمد علي راڻو) ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ جا سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته فصل ٻڏي سڙي ويا آهن، ڳوٺ پريو پيروزاڻي، ايوب مورجهريو، شيدو داد، علي پارهيڙي، حيدر پيروزاڻي، حاجي علو سوماراڻي، اسماعيل گوڙچ، غلام قادر ملاح، ڄاموٽ محمد ملاح، سومار ملاح، يوسي ڪيٽي بندر جي ڳوٺ حاجي علي بخش جت، حاجي هاشم جت، عثمان دبلو، الهائو جت ۽ خدابخش جت ۾ اڃان تائين پاڻي بيٺل آھي، ان سلسلي ۾ مقامي يوسي چيئرمين جو چوڻ آهي ته ڳوٺن جو وڏو نقصان ٿيو آهي، بحالي لاءِ ڪوششون جاري آهن.