سجاول جي ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي بيٺل، انتظاميا نيڪال ڪرائڻ ۾ ناڪام

سجاول (رپورٽ:شھباز حسن ميمڻ)سجاول شھر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪوششون جاري آھن پر ڀرپاسي جي سوين ڳوٺن  مان ضلعي انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي، ان ڏس ۾ ڳوٺ  حاجي علي محمد مڇاري واسين جو چوڻ آهي ته شھرن اندر ھيوي مشينون رکي پاڻي نيڪال ڪيو پيو وڃي پر ڳوٺن جي سار نه لڌي وئي آهي، چونڊيل نمائندا ۽ ضلعي انتظاميا فوٽو سيشن ڪرائڻ ۾ پورا آھن اسان جي ڪنھن به سار نه لڌي آهي، سڀ زمينون ٻڏي ويون آھن، مزدوري به بند ٿي وئي آھي، ھن وقت اسان مسيحا جي مدد جا منتظر آھيون. هنن ضلعي انتظاميا سميت چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ مان برساتي پاڻي فوري نيڪال ڪرائي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.