عوامي تحريڪ پاران سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙائڻ خلاف مظاهرن جو اعلان

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزنگ ڪميٽي جو اجلاس مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت ۾  ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ چيو ويو ته اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جا ادارا متاثرن جي امداد هڙپ ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته "پيپلز پارٽي سرڪار طرفان سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙائڻ خلاف” سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته سنڌ جا سوين ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ آهن. هزارين ماڻهو ڦاٿل آهن. پيپلز پارٽي سرڪار هٿ وٺي ڳوٺ ۽ فصل ٻوڙايا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ جي واهن ۽ ڪينالن جي مرمت ۽ کاٽي جي بجيٽ هڙپ ڪئي جنھنڪري واهن ۽ ڪينالن جي بندن کي گهارا پئجي رهيا آهن. اجلاس ۾ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، لال جروار، عبدالقادر رانٽو، نور احمد ڪاتيار، عبدالرحمٰن سمون، نور نبي پليجو، ڪاشف ملاح، ستار رند، اسماعيل خاصخيلي، ڊاڪٽر دلدار لغاري، منصور ٻپڙ، نجيب الرحمٰن مهيسر ۽ ايڊووڪيٽ اظھار دائود پوٽو شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.