اسلام آباد(م ڊ)حڪومت جي يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ واري فيصلي خلاف يوٽيلٽي اسٽور ملازمن جو ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي صنعت ۽ پيداوار جي چيئرمين حفيظ الدين احتجاج ۾ ملازمن جي شرڪت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو. يوٽيلٽي اسٽورز جي ملازمن گذريل رات حڪومت جي ضمانت تي ڊي چوڪ کان هيڊ آفيس منتقل ڪري ڌرڻو هنيو هو. يوٽيلٽي اسٽور جي ملازمن مطالبن جي مڃتا تائين سومر تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. يوٽيلٽي اسٽور جي ملازمن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته ٻيهر ڊي چوڪ تي وينداسين. هوڏاننهن ناليواري وڪيل سجاد گوپانگ ملازمن جو ڪيس وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن پٽيشن داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.