برسات سبب سامونڊي پٽي ۾ لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن: رياض چانڊيو

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: اويس حيدر شورو) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته سنڌ ۾ ماضي جيان برسات وري مائروڙن جي اهنجن کي وڌائي  ڇڏيو آهي. اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته گذريل برساتن جي تباهين ۾ 21 لک گهر تعمير ڪرائي ڏيڻ لاءِاربين روپيه پرڏيهي امداد حاصل ڪري مخصوص علائقن کان علاوه ڪنهن به متاثر علائقي ۾ اڃان تائين گهر تعمير ٿي نه سگهيا آهن، وري ٻيهر هلندڙ برساتن سنڌ جي سامونڊي پٽي جي علائقن ۾ مها ٻوڏ کان وڌيڪ تباهي مچائي ڇڏي آهي، حڪومت پاران رليف ڏيڻ بدران سنڌ جي وسيلن جي لٽ مار ڪئي پئي وڃي، ڪرپشن، اقرباپروري جو سلسلو هاڻي بند نه ڪيو ويو ته سنڌ سراپا احتجاج ٿي ويندي. انهيءَ موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي اڳواڻ غفار ميرجت، ضلعي صدر محمد ايوب ڪوريجو ۽ ٻيا موجود هئا .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.