ڪنهن کي جيل ۾ عمران خان جي سيل موڪليو وڃي ته ڪوڪين ۽ هيروئن برآمد ٿيندي: حنيف عباسي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي الزام هنيو آهي ته اڄ به ڪو جاچ ڪندڙ جيل وڃي ته عمران خان جي سيل مان ڪوڪين ۽ هيروئن ملي ويندي.
قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي حنيف عباسي چيو ته پي ٽي آءِ جا دوست اڄ جيل ۾ سهولتن جي عدم فراهمي جون شڪايتون ٿا ڪن، اها ڪهڙي جيل آهي، جنهن ۾ ديسي ڪڪڙ ملي رهيو آهي؟ نوي ميٽر ڊگهي بيرڪ ۾ رهائش آهي ۽ اسلام آباد جي هڪ خاص هوٽل مان کاڌو ويندو آهي.
هن الزام هنيو ته اڄ به ڪو جاچ ڪندڙ وڃي ته پي ٽي آءِ باني جي سيل مان ڪوڪين ۽ هيروئن ملي ويندي، اڊيالا جيل انتظاميا کي سپلاءِ جو الزام ثابت ٿيڻ تي تبديل ڪيو ويو.
حنيف عباسي جي تقرير دوران سني اتحاد ڪائونسل ميمبرن گوڙ ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، قومي اسيمبلي اسپيڪر حنيف عباسي جي اها گفتگو ڪارروائي مان ڪاٽي ڇڏي، جڏهن ته اجلاس سومر جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.