پاڪستان سان مستقل ڳالهه ٻولهه جو دور ختم ٿي چڪو آهي: ڀارتي پرڏيهي وزير

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر چيو آهي ته پاڪستان سان مستقل ڳالهه ٻولهه جو دور ختم ٿي چڪو آهي.
جي شنڪر نئين دهلي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو آرٽيڪل 370 ختم ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ سوال اهو آهي ته اسان پاڪستان سان ڪهڙي قسم جا لاڳاپا رکڻ چاهيون ٿا.
هن چيو ته معاملي ڀلي هاڪاري هجن يا ناڪاري، اسان ردعمل ڏينداسين، هٿ تي هٿ رکي نه ويهنداسين، پاڪستان سان مستقل ڳالهه ٻولهه جو دور ختم ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.