هاڻي به جرنيلن جون راتيون ختم نه ٿيون آهن: محمود شام

ڪراچي (رپورٽر ) نامور صحافي، شاعر، ڪالم نگار، ليکڪ محمود شام چيو آهي ته جنرل ضياء الحق جي دور ۾ آزاد صحافت جي جدوجهد  ۾ عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو، فاضل راهو ۽ سموري پارٽي جو وڏو ڪردار رهيو آهي ۽ هاري، شاگرد ڪارڪن صحافي بڻجي صحافين جي جدوجهد کي زنده رکيو، جدوجهد جو مرڪز ڪراچي پريس ڪلب هو. جنهن تي ڪابه اسٽيبلشمينٽ ۽ سرڪاري انتظاميه قبضو نه ڪري سگهي آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب جي هال ۾ ڪلب طرفان کيس اعزازي ميمبرشپ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته اسان سمورن پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ هڪ مارشل لا ضرور ڏٺي آهي، 1970 جي صحافين جي طرفان جڏهن سموري ملڪ ۾ وڏي هڙتال ٿي ته لاهور مان هڪ شايع ٿيل هڪ اخبار جا بنڊل پريس ڪلب ۾ آڻي انهن کي باھ ڏني وئي هئي. هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جمهوريت ۽ آزاد صحافت جي تحريڪن دوران قربانين، بلند حوصلن جي خوشبوءِ ڦهلائيندو هو. هن چيو ته ملڪ ۾ اڳ وانگر هاڻي به جرنيلن جون راتيون ختم نه ٿيون آهن، ضياء جي دور ۾ سڌ سماءُ واري آفيس ۾ هڪ برگيڊيئر ويهندو هو، جيڪو اخبارن جون سرخيون جاچي چوڻ لڳو ته هر اخبار جي سرخي الڳ ڇو آهي، پر ڪنهن به وردي پهريل کي ڪلب اندر داخل ٿيڻ جي جرئت نه ٿي ۽ ڪراچي پريس ڪلب جدوجهدن ۽ احتجاجن جو جيڪو مرڪز بڻايو هو، ان سموري ملڪ جي پريس ڪلبن کي تحرير اسڪوائر بڻائي ڇڏيو آهي. ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري شعيب احمد چيو ته اسان جا وڏڙا آزاد صحافت ۽ ڪراچي پريس ڪلب لاء روايتون جوڙي ويا آهن، انهن جي شمع روشن رکندا سين، اسان کي فخر آهي ته جيڪو شخص ڪراچي پريس ڪلب جي تاريخ ۽ صحافين جي جدوجهد جو اکين ڏٺو شاهد آهي، ان کي ڪلب طرفان اعزازي ميمبرشپ ڏئي رهيا آهيون ان موقعي تي ڪلب جي قائم مقام صدر نواب ڀائي، ڪلب جي اڳوڻي سيڪريٽري مقصود يوسفي، شميم اختر ۽ ٻين خطاب ڪيو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.