ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچ نوجوانن کي سوچيل سمجهيل سازش تحت رياست کان کسيو پيو وڃي،.2 ڏينهن اڳ بلوچستان ۾ ٿيل دهشتگردي جا واقعا افسوسناڪ آهن، بلوچ روايتن ۾ ڪڏهن به ڪنهن بيگناهه ماڻهن کي بسن مان لاهي ناهي ماريو ويندو، توهان حڪومت ۽ ان جي ڪارڪردگي تي ناراض ته ٿي سگهو ٿا پر رياست کان ناراض نٿا ٿي سگهو . شهيد بينظير ڀٽو اسڪالر شپ پروگرام تحت بلوچستان ايجوڪيشن انڊومينٽ فنڊ ذريعي مرد ۽ عورت شاگردن ۾ تعليمي اسڪالر شپ جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اهو قدم صوبي جي نوجوانن کي رياست جي ويجهو آڻڻ ۽ تعليم جي لاءِ ڀرپور موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ کنيو ويو آهي. بلوچستان يوٿ پاليسي جوڙي وئي آهي.ان موقعي تي وڏي وزير شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ چيڪ ورهايا، تقريب کي خطاب ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته صوبي ۾ موجود محرومين کي ختم ڪرڻ لاءِ تعليم جي حصول کي آسان بڻائڻ جي ضرورت آهي .
-
سماجي اڳواڻ صارم برني خلاف شاهد بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو
ڪراچي (رپورٽر)مقامي عدالت ۾ انساني اسمگلنگ ۽ ڪاغذن ۾ ردو بدل ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار صارم برني کي جيل حڪام پيش ڪري ڇڏيو آهي .ڪيس جي شاهد واصف شبير مجسٽريٽ جي آڌو 164 جو بيان رڪارڊ ڪري ڇڏيو آهي . سندس ڌيئرن سان ملاقات ڪرائي وئي گهر وٺڻ آيا ڪجهه عرصي کان پوءِ ايف آءِ اي پاران خبر پئي ته منهنجي ڌئيرن کي ٻاهر موڪليو ويو آهي .عدالت شاهد جو بيان ڪيس جو حصو ٺاهي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي .