سنڌ ۾ ٽن ڏينهن کان برسات سبب ٻوڙان ٻوڙ، زندگي مفلوج

ڪراچي/ حيدرآباد(نمائندن وٽان) سنڌ جي  مختلف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، برسات سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو ۽ مواصلاتي نظام ڊانوانڊول ٿي ويو.ڪراچي جي ملير، ڪلفٽن، شاهراهه فيصل، صدر، گلشن معمار، ڪورنگي، گلستان جوهر، قائد آباد، گلشن حديد، مهراڻ ٽائون، نارٿ ڪراچي، صفوارن ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪاري بعد هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.گلشن معمار ٿاڻي جي حد افغان بستي ۾ برسات دوران گهر جي ڇت ڪري پئي، پيرسن زال مڙس 73 ورهين جو اورض صوفي ۽ سندس گهرواري 67 ورهين جي آغا گل فوت ٿي ويا، ملير جي مختلف علائقن گلشن حديد، اسٽيل ٽائون، پپري، شاهه ٽائون، شاهه لطيف، ڪاٺوڙ، گهگهر، رزاق آباد، ڀينس ڪالوني، گڏاپ سميت ۾ مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري جنهن سبب هيٺيائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو. پپري جي علائقي ۾ برسات دوران بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ ڪري 2 مينهون مري ويون.ڪراچي مان ايئر لائن ذريعن موجب برسات سبب مسافرن جي گھٽ تعداد هجڻ ڪري ڪراچي اسلام آباد ۽ لاهور ويندڙ 12 اڏامون معطل ڪيون ويون.ميرپور خاص ۾ لڳاتار برسات سبب گٽر نالا اٿلي پوڻ سبب گندو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو، سنڌ حڪومت جو رين ايمرجنسي جو اعلان رڳو اعلان ئي رهجي ويو .ٿرجي سمورن شهرن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو، ڪلوئي ۽ ننگرپارڪر تي پنجين ڏينهن به تيز برسات جو وسڪارو وقفي وقفي سان جاري رهيو، مٺي ۾ تيز برسات سبب صورتحال خراب ٿي وئي، جنهن سبب سِراڻ ڪالوني مڪمل طور تي ٻُڏي چُڪي آهي.عمرڪوٽ ضلعي ۾ لاڳيتو 24 ڪلاڪن کان ھلندڙ برسات تباھي مڇائي ڇڏي، ضلعي جي چئن ئي تعلقن ڪنري، سامارو، پٿورو سميت ننڍن وڏن شھرن توڙي ڳوٺن ۾ برسات سبب ڪيترائي ڳوٺ ۽ ھيٺائين وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، ڦٽي ۽ مرچن جو فصل ٻڏي ويا آھن. ڪنري تعلقي ۾ 24 ڪلاڪن دوران 110 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، نيوسعيدآباد تعلقي ۾چوماسي جي برساتن تباهي مچائي ڇڏي، ٽن ڏينهن کان مسلسل ڪٿي ته ڪٿي هلڪي برسات پوڻ ڪري تعلقي ٻهراڙين وارن علائقن ۾رهندڙ هزارين خاندانن جي زندگي مفلوج بڻجي وئي، جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي ۾ برسات پوڻ سبب بجلي جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو ۽ هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.دادو ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو.قمبر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات پئي، برسات دوران گهر ڀرسان رستي تان ويندڙ اٺين درجي جي شاگرد ضامن علي بروهي مٿان ڀت جو چاپڙ ڪرڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي طبي امداد لاءِ قمبر جي سرڪاري اسپتال پهچايو ويو جتي سهولتون جي کوٽ سبب کيس لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو.شهداد ڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو.نوشهرو فيروز ۽ ڀرپاسي ۾ برسات پوڻ سبب سارين، ترن ۽ ٻين فصلن کي نقصان پهتو  آهي.ٽنڊو محمد خان ۾ برسات جي ٽن ڏينهن کان مسلسل وسڪارن علائقي ۾ وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي ڪيترائي ڪچا پڪا گهر زبون حالت جو شڪار ٿي ويا آهن ، گهر ڊهڻ جي ڪري زال مڙس شريمتي لالي ۽ لکمڻ ڪولهي زخمي ٿي پيا، بدين ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات سبب ايل بي او ڊي ۾ چاڙهه سبب گهارو پوڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.ٺٽي ۾ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٽن ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، وسڪاري سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو.تنگواڻي ۽ ڀرپاسي ۾  برسات سبب مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو.ڊکڻ ۽ ڀرپاسي ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، وسڪاري سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.دوداپور ۽ ڀرپاسي ۾ تيز برسات سبب سارين جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.جاتي شهر سميت سامونڊي پٽي ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، جنهن ڪري هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.خانواهڻ ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان برسات پوڻ سبب ووئنڻن جا فصل تباهه ٿي ويا.ماتلي ۽ ڀرپاسي ۾ برسات سبب هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل کي نقصان پهتو آهي.تلهار ۽ ڀرپاسي ۾ ٽن ڏينهن کان چوماسي جي برسات جاري آهي.گولاڙچي، ڪڙيون گهنور، کوراهه ترائي ۽ احمد راڄو سميت ساحلي پٽي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي.کڏڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سانوڻي جي سسٽم تباهي مچائي ڇڏي آهي.جمال شاهه ۾ تيز برسات پوڻ سبب ڪيلن ۽ ووئنڻن جي فصلن کي نقصان پهتو آهي.اڏيرو لال ۽ وقفي وقفي سان برسات پوڻ سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ سبب علائقي واسي ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا. چمبڙ ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پوڻ سبب روڊن ۽ رستن تي پاڻي بيهجي ويو آهي.سنڌڙي ۽ ڀرپاسي ۾  تيز هوا سان گڏ برسات سبب ڪچن گهرن جا ڇپرا اڏامي ويا، جڏهن ته وسڪاري سبب ووئنڻن، مرچن ۽ ڪمند جي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.ڪوٽ غلام محمد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات پوڻ سبب بجلي جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو.ٽالهي، نندو، سرهاڙي، ڪيٽي بندر ۽ ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي.ڍورو نارو، پڊعيدن، ڄام نواز علي، ميان صاحب، ڊگهڙي، ميرواهه گورچاڻي، مکڻ سمون، ٻيلهاڙو شاخ، جهلوري۽ ٻين علائقن ۾ گذريل رات کان وٺي برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي.خيرپور ويجهو سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ سبب ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، بندن تي دٻاءُ وڌي ويو گهارا پوڻ ڪري 100 کان وڌيڪ ڳوٺ، ڪپهه ۽ ٻيا فصل پڻ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ ماڻهن محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

  1. ميهڙ ۾ زمينداري بند ٽٽي پيا، ڪچو ٻڏي ويو

ميهڙ(رپورٽر) سنڌو درياهه ۾ چاڙهه بعد ميهڙ تعلقي جو ڪچو ٻڏي ويو، مختلف علائقن مان لڏپلاڻ شروع ٿي وئي،  ڪچي جي چئن  يونين ڪائونسلز نئون ڳوٺ، يوسي مگسي، يوسي مريد لاکير ۽ يو سي شاهه پنجو سلطان جا 60 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، پاڻي ڪچي جي بچاءَ واري ايل ايس بند سان ٽڪرائجي ويو، ڪچي ۾ مختلف هنڌن تي ڏنل زمينداري بند به ٽٽي پيا،  علائقي جا رستا به پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، ڪچي جي مشهور درگاهه سعدي موساڻي جي ڀرپاسي جا علائقا به درياهي پاڻيءَ هيٺ اچي ويا،  علائقي واسي اچ وڃ لاءِ ٻيڙيون استعمال ڪرڻ لڳا آهن، رهواسين جو چوڻ آهي ته صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي، مدد ڪئي وڃي.

  1. حيدرآباد ۾ هڪ ۽ ميرپورخاص ۾ 2 ڏينهن تعليمي ادارا بند رهندا

ڪراچي/ حيدرآباد(رپورٽر) برساتن سبب حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر ليٽر جاري ڪندي اڄ 29 آگسٽ خميس ڏينھن سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنھن سبب اڄ حيدرآباد  جا سمورا خانگي توڙي سرڪاري تعليمي ادارا بند رهندا.جڏهن ته ميرپورخاص ۾ ٻن ڏينهن لاءِ تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪراچي سينٽرل ۾ به هڪ ڏينهن لاءِ موڪل جو اعلان ڪيو ويو بعد ۾ ڪمشنر سينٽرل ضلعي جي اسڪولن جو  بند ٿيڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو، اڄ ڪراچي ڊويزن جا سمورا اسڪول کليل رهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته موسميات کاتي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجيمنٽ اٿارٽي جي نئين ايڊوائري کانپوءِ سينٽرل ضلعي ۾ اسڪولن جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو آهي ۽ گڏوگڏ اڄ 29 آگسٽ 2024 تي ڪراچي ڊويزن جا سمورا اسڪول پڻ کليل رهندا.

  1. ڪارونجهر تي 200 ملي ميٽر برسات رڪارڊ

مٺي(رپورٽر) ٿرپارڪر جي تعلقي ننگرپارڪر ۾ گذريل 3 ڏينهن دوران 200 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ڏيپلو، مٺي، ڇاڇرو، اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر دعويٰ ڪئي آهي ته ننگرپارڪر ۾ گذريل 3 ڏينهن دوران 200 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.ٽن ڏينهن دوران مٺي ۾ به 150 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

  1. رين ايمرجنسي بيٺل پاڻي ۾ ٻڏي وئي: ايم ڪيو ايم

ڪراچي(رپورٽر) ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته صوبي ۾ رين ايمرجنسي جون دعوائون ٽٽل روڊن تي  بيٺل پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي ويون آهن. ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته برساتن حڪومت جي ڪارڪردگي جا پول کولي ڇڏيا آهن، هلڪي برسات سان ڪراچي جي حالت خراب ٿي وئي آهي، جيڪڏهن وڏي برسات پئي ته شهر جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ اڳواڻن چيو ته ميئر ڪراچي ۽ بلدياتي ادارن جا نمائندا ڪٿي به نظر نه ٿا اچن، وزيرن ۽ ميئرز کي گهرجي ته ڪروڙين روپين جي ايئرڪنڊيشنڊ گاڏين ۾ گهمي ڪراچي کي لنڊن ۽ پيرس ڏيکارڻ بند ڪن.هن چيو ته ميئر فوٽو سيشن ڪرڻ بدران ايمانداري سان ڪم ڪري ها ته شهر جي صورتحال بهتر هجي ها.

  1. حڪمرانن جي نااهلي سبب شهر ۽ ڳوٺ ٻڏل آهن: صنعان قريشي

گهوٽڪي(رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان خان  قريشي ميرپور ماٿيلو ۾ جسقم ضلعي گهوٽڪي جي ڪانگريس کي خطاب ڪندي چيو  ته چوماسي جي برسات جيڪا موسمي برسات آهي، پر حڪمرانن جي نا اهلي سبب شهر ۽ ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، شهرن ۽ ڳوٺن جي تاريخي اسڪيمون حڪمرانن جي ڪرپشن سبب شهر ۽ ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نٿو ٿي سگهي، اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ برساتن جو پاڻي بيهي ويو آهي، جنهن سبب ٻارن جي تعليم ۽ مريضن جو علاج سخت متاثر ٿي رهيو آهي، ضلع ڪانگريس ۾  جسقم ۽ جساف جي سوين ڪارڪن شرڪت ڪئي.

  1. ڪراچي ۾ برسات رستن جي تعمير ٿيڻ جا پول کولي ڇڏيا

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ پيل تازين برساتن روڊ رستن جي تعمير ٿيڻ جا پول کولي ڇڏيا، کليل نالن جتي ٽريفڪ کي متاثر ڪيو اتي  کليل گٽر به حادثن جو سبب بڻيا. ڪراچيءَ ۾ هن سال ايتري برسات نه پئي جو شهري ٻوڏ جو سبب بڻجي، پر ڪيترن ئي روڊن جو معيار اهڙو نڪتو جي معمولي برسات به سفر ڪرڻ جهڙو نه ڇڏيو. شهر ۾ برسات سبب گودرا چوڪ کان راشد منهاس تائين ويندڙ روڊ تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳو، رهواسين جو چوڻ آهي ته ڊرينيج سسٽم ناقص هجڻ سبب اڪثر هتي پاڻي جمع ٿي ويندو آهي.گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر وٽ روڊ تي بيٺل برساتي پاڻي به روڊن جي زبون حالي جو داستان ٻڌائي رهيا آهن،  ايم اي جناح روڊ تي برسات جو پاڻي جمع ٿيڻ سبب ٽريفڪ جي روانگي به متاثر ٿي رهي آهي. روڊن جي خراب حالت ڪنهن هڪ علائقي ۾ نه پر ملير، شاهه فيصل ڪالوني، نارٿ ناظم آباد، ماڊل ڪالوني سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ آهي. رهائشي علائقن سان گڏ صنعتي علائقن جا روڊ به تباهه آهن،

  1. ڪراچي ۾ 150 کان 200 ملي ميٽر برسات جو امڪان

ڪراچي(رپورٽر) چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ٿرپارڪر جي ڏکڻ ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ برقرار آهي، ڪراچي ۾ اڄ تيز برسات  پوڻ جو امڪان آهي. سجاول ۽ ٺٽي ۾ به ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن دوران تيز برسات پوڻ جو امڪان آهي.سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ 150 کان 200 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ٺٽي ۽ سجاول ۾ 300 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات پئجي سگهي ٿي

  1. ڏاکڻين  ضلعن ۾برسات سبب  وڌيڪ خطرو آهي:مراد علي شاهه

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي هدايتن تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سخت برساتن دوران متاثر ضلعن جو دورو ڪيو. وڏي  وزير صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو، ذوالفقار شاهه ۽ مڪيش چاولا سان گڏ ڪراچي ۾ ملير ندي جو دورو ڪيو ۽ چيو ته ملير ندي ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول موجب آهي. وڏي وزير ٺٽي شهر جو دورو ڪري برساتي پاڻي جي نيڪال جو جائزو ورتو. هن مڪاني ادارن کي هدايت ڪئي ته برساتن جي صورت ۾ پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي. ٺٽي کانپوءِ وڏي وزير سجاول پل تي درياهه جي پاڻي جي وهڪري جو جائزو ورتو ۽ بريفنگ ڏني. سجاول ٺٽي پل تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان ٿرپارڪر ضلعي ۾ تيز برسات ٿي رهي آهي. ڪراچي، ٺٽو، سجاول، بدين، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن ۾ وڌيڪ خطرو آهي. قمبر-شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، دادو ۽ ڄامشورو ضلعن کي کيرٿر جبل کان خطرو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير بابت سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته اسان 21 لک گهر ٺاهي رهيا آهيون جتي هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهو رهندا. اهو دنيا جو سڀ کان وڏو پراجيڪٽ آهي، بعد ۾ وڏي وزير سجاول شهر جو دورو پڻ ڪيو. سجاول جي مين روڊ جي تعمير ۾ دير ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي پاڻي نيڪال جو نظام جلد کان جلد ٺيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن  چيو ته سنڌ حڪومت سمورا وزير پنهنجن ضلعن ۾ برساتن دوران بحالي واري ڪم جا نگران مقرر ڪري ڇڏيا آهن، محمد علي ملڪاڻي ٺٽي ضلعي ۾ رين ايمرجنسي جو انچارج آهي، باقي ضلعن ۾ به انچارج سرگرم آهن.  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي پيپلز پارٽي جا ميمبر عوام جي وچ ۾ موجود آهن. هن وقت فصلن کي ايترو نقصان نه پهتو آهي، عوام کي نقصان کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. وڏي وزير بدين ۾ کورواهه چوڪ ڀرسان ڪارو گهگرو جو دورو پڻ ڪيو. بعد ۾ هو ٽنڊو محمد خان پهتو ۽ ٻوڏ متاثرن جي نون تعمير ٿيل گهرن جو معائنو ڪيو. وڏي وزير ڳوٺاڻن سان ملي ۽ ڳوٺاڻي انداز ۾ کانئن حال احوال پڇيو. صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته برساتي نالن ۾ پاڻي جي سطح اڃا به گهٽ آهي، سنڌو درياهه جي صورتحال معمول تي آهي

حڪمرانن جي نااهلي سبب برسات متاثر سخت پريشان آهن: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، لال جروار، ڊاڪٽر دلدار لغاري، ماهه نور ملاح ۽ منصور ٻپڙ پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته برسات متاثرن کي هنگامي بنيادن تي ريسڪيو ڪيو وڃي، درياهه جي ڪچي جي ٻوڏ متاثرن جي به سهائتا ڪئي وڃي. سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب برساتن دوران عوام جو تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿي رهيو آهي. پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي خونخوار ڳجهن وانگر متاثرن جو فنڊ هڙپڻ لاءِ ويٺا آهن. اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي سميت سمورا ذميوار ادارا برسات متاثر جي واهر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. سنڌ توڙي وفاقي سرڪار وٽ ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ توڙي بند مضبوط ڪري ڳوٺ ۽ شهر بچائڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي ڪونهي.

  1. ڪراچي مان برساتي پاڻي نيڪال ڪيو پيو وڃي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(رپورٽر)ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان سان گڏ ڪلفٽن پمپنگ اسٽيشن جو دورو ڪري سيوريج پمپنگ جو معائنو ڪيو ۽ نيڪالي جي ڪمن جو جائزو ورتو دوري جي دوران ميئر ڪراچي جي سياسي معاملن بابت ترجمان ڪرم الله وقاصي چيف انجنيئر آفتاب عالم چانڊيو ۽ وسيم اختر شيخ سميت ٻيا اعليٰ عملدار ساڻس گڏ هئا ان  موقعي تي ميئر ڪراچي جو چوڻ هو ته واٽر ڪارپوريشن جو عملو روڊن تان برساتي پاڻي جي نيڪال ۾ مصروف آهي ۽ ان سلسلي ۾ شهر جي سمورن وڏن روڊن تان واٽر ڪارپوريشن جي سڪشن ۽ جيٽنگ مشينن سميت ڳري مشينري ذريعي برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ شهر ۾ برسات کانپوءِ شاهراھ فيصل شاهراھ پاڪستان شاهراھ قائدين راشد منهاس روڊ ۽ ٻين روڊن تان برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪم جاري آهي ھن چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن ۽ واٽر ڪارپوريشن سميت سمورا ادارا شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر وقت سرگرم آهن،جڏهن ته برساتن دوران نالن جي صفائي جو ڪم پڻ جاري آهي ۽ شهري انتظاميا جي هر ممڪن ڪوشش ھوندي ته برساتن ۾ شهرين کي ڪنهن به پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي ھن چيو برسات واري پاڻي جي نيڪالي مڪمل ٿيڻ تائين واٽر ڪارپوريشن جون گاڏيون روڊن تي موجود رھنديون ۽ وڌيڪ برساتن جي امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو رهندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.