ڪراچي ۾ قتل ڪيل ايس ٽي پي اڳواڻ جو ڪيس 5 ڄڻن مٿان داخل

گڏاپ ( ن ع آ ) ڪراچي سائيٽ سپر ھاءِ  وي ڀرسان ٻن سياسي پارٽين جي ڌرين ۾ مارجي ويل سنڌ ترقي پسند پارٽي سھراب ڳوٺٽائون جو نائب صدر سراج چانڊيو جو قتل ڪيس داخل ڪيو ويو. مقتول سراج چانڊيو جو قتل ڪيس علي نواز شيخ جي فرياد تي 5 جوابدارن پانڌي خان بگٽي. ياسين ابڙو. حفيظ چانڊيو. ضياءَ پٺاڻ ۽ رزاق چانڊيو مٿان داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته رزاق چانڊيو سان معمولي ڳالهھ تي منھن ماري ٿي جنھن کانپوءِ حفيظ چانڊيو ڪنھن سنگت جي معرفت ڳالھيون ڪرڻ جو چيو اسين پنھنجي سنگت سراج چانڊيو. سڪندر مگسي. آصف علي سان گڏ ڳالھين لاءِ پھتاسين ته سامھون بيٺل جوابدارن ۽ ٻين اسان مٿان سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ سراج چانڊيو کي گولي لڳي، ٻي طرف مقتول سراج چانڊيو جي غائبانه جنازي نماز گلشن معمار ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ ايس ٽي پي ضلع اولهھ جي صدر رجب مگسي. ضلع اوڀر جي اڳواڻن غلام علي بليدي. مبارڪ ڀٽي. ايس اين پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين رمضان بليدي. سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رجب مگسي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ماڻھن اسان جي ڪارڪن مٿان فائرنگ ڪري نوجوان سراج چانڊيو کي شھيد ڪري ڇڏيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.