ڪراچي(رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي ۾ ڪارساز روڊ حادثي جي جوابدار نتاشا دانش جي ميڊيڪل رپورٽ جاچ اختيارين کي ملي وئي آهي، پوليس آفيسرن ميڊيڪل رپورٽ ڳجهي رکڻ ۽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ميڊيڪل آفيسر ۽ ڊاڪٽر رپورٽ جو مڪمل جائزو وٺندا، رپورٽ جو مڪمل جائزو وٺڻ کانپوءِ معلوم ٿيندو ته جوابدار طرفان ڪا دوا استعمال ڪئي وئي آهي يا نه؟.پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته رپورٽ ۾ نشي وارين شين جي استعمال جي تصديق ٿي وئي آهي، پيشاب جي رپورٽ ۾ نتاشا دانش پاران آئس جي استعمال جا ثبوت مليا آهن.