ڪراچي ۾ مختلف سرگرمين ۾ ملوث 5 پوليس اهلڪار برطرف

ڪراچي ( رپورٽر ) ايس ايس پي ڪورنگي توحيد رحمان ميمڻ جي وڏي ڪاروائي، 328 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي سزائون ڊپارٽمينٽل  سزان ۾ 5 پوليس آفيسرن کي برطرف ڪيو ويو، جڏهن ته ڊگهي غير حاضري سبب 14 آفيسرن کي 6 مهينن کان گهٽ ڪري 2 سال ڪيو ويو، توحيد رحمان ميمڻ چيو ته منظم ڏوهن ۽ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث 49 اهلڪارن کي سندن سالياني واڌ ۾ ڪٽوتي ڪئي وئي ۽ کين نشان به ڏيکاريو ويو. ايس ايس پي ڪورنگي توحيد رحمان ميمڻ چيو ته 83 پوليس اهلڪار عدالتي ڊيوٽي تي غير حاضر رهيا جڏهن ته 177 اهلڪارن جي پگهارن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، ڪورنگي پوليس جو ڪو به آفيسر يا انچارج ڪنهن به غير قانوني سرگرمي، غير حاضري يا منظم ڏوهن ۾ ملوث ثابت ٿيو ته ان خلاف سخت محڪماڻي ڪاروائي ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.