ڪراچي(رپورٽر) زراعت ۽ راندين واري وزير محمد بخش مهر، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي تبديلي بابت هلندڙ افواهن تي ڳالهائيندي چيو آهي ته ناصر شاهه وڏو ڀاءُ آهي پر سنڌ جو وڏو وزير تبديل نه پيو ٿئي، وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ سنڌ ڪابينا هڪ پيج تي آهن. زراعت ۽ راندين واري وزير محمد بخش مهر ڪراچي ۾ تقريب ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران صحافين پاران ناصر شاهه يا محمد بخش مهر کي وڏو وزير بڻائڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي تبديليءَ جو ڪو به امڪان نه آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي حمد بخش مهر چيو ته فوڊ سيڪيورٽي ترقي پذير ملڪن کي درپيش اهم چئلينج آهي، زرعي شعبي جي آٽوميشن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن ضروري آهي، سنڌ حڪومت زرعي شعبي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.