ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته بلوچستان جهڙو واقعو اي پي ايس پشاور ۾ ٿيو جنهن کانپوءِ سڄي قوم متحد ٿي وئي، بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ وارا بلوچ نه پر فسادي آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته اڄ بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ شهرين ۽ پاڪ فوج جي غائبانا جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي، هن چيو ته هن وقت بلوچستان ۾ هڪ مخصوص ٽولو سرگرم آهي، اسان جي فوج جا جوان آخر ڪيستائين شهيد ٿيندا؟ هن چيو ته بلوچ اسان جا ڀائر آهن، اسان انهن جا محافظ آهيون، پر بلوچستان ۾ امن کي خراب ڪرڻ وارن کي ڀارتي ڳجهي ايجنسي را فنڊنگ ڪري رهي آهي. جيڪي بلوچ ڀائر ناراض آهن اسان انهن سان ڳالهيون ڪنداسين پر دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون
-
جماعت اسلامي ڪراچي ۾ زبردستي اسڪول بند ڪرايا: ترجمان سنڌ حڪومت
ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ حڪومت جي ترجمان گهنور خان اسراڻ چيو آھي تھ جماعت اسلامي پاران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زبردستي اسڪول بند ڪرائڻ وارو عمل غنڊاگردي آھي، جنھن جي مذمت ڪجي ٿي،هن چيو ته هي تعليمي ادارن تي سڌو حملو نه پر قوم جي مستقبل ۽ تعليم جي تقدس تي حملو آهي، تعليم جي روڪٿام شاگردن جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، قانون جي حڪمراني کي نقصان پهچائڻ ۽ شهرين ۾ خوف پيدا ڪرڻ وارا حربا برداشت نه ڪيا ويندا، سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته جبر ۽ ڌمڪيون ڏئي جماعت اسلامي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو اصل رنگ ڏيکاريو آهي، قوم فرقيواريت ۽ خوف جي ڇانو پيدا ڪندڙن جي سازشن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هن جو چوڻ هوته جماعت اسلامي جون تازيون سياسي چالبازيون پاڪستان جي بهترين مفادن جي مخالفت واري ڊگهي تاريخ جو تسلسل آهن.