اسلام آباد(م ڊ) حڪومت طرفان يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي بند ڪرڻ جو معاملو سامهون اچڻ تي ملازمن احتجاج جو دائرو وڌائيندي ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو آهي. اسلام آباد ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي ممڪني بندش خلاف ملازمن جو احتجاج ٽئين ڏينهن به جاري آهي، مظاهرين ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو. ان دوران ٽن ڏينهن کان يوٽيلٽي اسٽور جي هيڊ آفيس اڳيان احتجاج ڪندڙ ملازمن ڪالهه ڊي چوڪ پهچي ڌرڻو هنيو. ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊي چوڪ تي پوليس جي وڏي نفري تعينات ڪئي وئي آهي، واٽر ڪينن، بڪتربند گاڏيون ۽ قيدي گاڏيون پڻ موجود آهن.احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي بند ڪرڻ جي غير منصفاڻي ۽ غير قانوني فيصلي خلاف هر سطح تي احتجاج ڪيو ويندو.