ججن جو انگ وڌائڻ بابت ترميمي بل اسيمبلي ۾ جمع

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ ججز جي انگ بابت ترميمي بل قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.ذريعن موجب وفاق ۾ حڪمران  ڌر مسلم ليگ (ن) جي ميمبر پاران سپريم ڪورٽ ۾ ججز جو انگ وڌائڻ جي تجويز ڏني ويئي آهي.مسلم ليگ (ن) جي ايم اين اي دانيال چوڌري پاران قومي اسيمبلي ۾ ترميمي بل جمع ڪرايو ويو آهي.ذريعن موجب ترميمي بل ۾ سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس کانسواءِ ججز جو انگ 22 ڪرڻ جي تجويز ڏني ويئي آهي، بل جي متن موجب ججز جو انگ وڌائڻ سان عدليه جو وقار وڌيڪ وڌندو.ترميمي بل ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ججز جو انگ وڌائڻ سان فيصلا جلد ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.