ڪراچي(رپورٽر) سماجي تنظيم سافڪو پاران ڊي اي آئي جي سھڪار سان ” مڪاني نظام جي بھتري ۽ انھي جي قانونسازي ۾ سڌارا آڻڻ جي حوالي سان صوبائي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي،ان موقعي تي خطاب ڪندي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پرويز مشرف مڪاني نظام کي تڪراري بڻايو ھو مڪاني ادارن سان شھر ۽ ملڪ ترقي ڪندا آھن ميٽروپوليٽن شھرن کي پنهنجا اختيار آھن اھي ساڳيا اختيار ضلعي ڪائونسل کي ناھن ،سڌريل ملڪن ۾ مڪاني ادارا ترقي جو ڪارڻ بڻيل آھن،ڪوشش ڪيون پيا ته بلدياتي قانون کي وڌيڪ بھتر بڻايون،اڪثر ماڻهو اچن ٿا ته چيئرمين نٿا ٻڌن پر انھن کي پنهنجي اختيارن جي خبر ئي ناھي ۽ نه ئي عوام کي به مڪاني ادارن جي متعلق ڪا گهڻي ڄاڻ آھي،عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري وزير شاھينا شير علي چيو ته بلدياتي نظام جمهوريت جو ئي نظام آھي،جمهوريت جي مضبوطي بلدياتي نظام سان ئي ممڪن آهي،بلديات واري کاتي جي سيڪريٽري خالد حيدر شاھ چيو ته مڪاني ادارن لاء 160 ارب روپيا مختص ٿيل آھن ـ يونين ڪائونسل ۽ ڪاميٽين جي بجيٽ ٻيڻي ڪري چڪا آھيون، سافڪو جي سربراھ سليمان جي ابڙو چيو ته خيرپور ضلعي ۾ اسان يونين ڪائونسلز جي نوجوانن ۽ اقليتي نمائندن کي آگاھي پروگرام ذريعي تربيت ڏني ته مڪاني نظام کي ڪيئن اثرائتو بڻائجي،معاشي قيصر بنگالي چيو ته بنيادي سھولتن جي اڻھوند سبب ڪراچي جو ماڻهو ورھائجي ويو آهي،ڪراچي ۾ ڪو به گورننس جو نظام ناھي،آئين ۾ صرف بلدياتي نظام جو ذڪر آھي ڪيئن ھوندو اھو صوبائي حڪومت جي مرضي آھي ھاڻي جيڪو ڪي ايم سي وٽ ھڪ ڪم رھيو ھو ڪچرو کڻڻ وارو اھو به صوبائي حڪومت پئي کڻي ڪانفرنس کي جامي چانڊيو،شاھد جتوئي،منگلا شرما، مھناز رحمان ،اقبال ڏيٿو،افتخار خان ۽ اسما ڪرن ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو