رياستي ادارا بلوچستان ۾ امن ڪرائڻ ۾ ناڪام ويا آهن: نيشنل پارٽي

ڪوئيٽا ( م ڊ )  نيشنل پارٽي جي ترجمان موسيٰ خيل ۽ قلات ۾ ٿيل دهشتگردي واقعن جي سخت مذمت ڪئي آهي . جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته موسيٰ خيل ۾ قومي شاهراهه تي ناڪو لڳائي جهڙي طرح ماڻهن کي بسن مان لاهي قتل ڪيو ويو ۽ گاڏين کي سامان باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي، ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي تازي لهر تمام گهڻي ڳڻتي جوڳي آهي، جيڪا باشعور سياسي ۽ سماجي ادارن ۽ دانشورن ۽ اديبن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ته هو اهڙن انساني المناڪ عملن ۽ واقعن جي ازالي لاءِ پنهنجو سياسي ۽ سماجي ڪردار ادا ڪن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وڏين دعوائن جي باوجود رياست ۽ ان جا ادارا بلوچستان ۾ دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ ۽ امن امان برقرار رکڻ ۾ بری طرح ناڪام رهيا آهن. بلوچستان جي خراب صورتحال حڪومتن ۽ ادارن جي مسلسل ناڪام پاليسين ۽ حڪمت عملين جو واضح ثبوت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.