تشدد جي سختي سان مخالفت ڪريون ٿا: ماهه رنگ بلوچ

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچ اڳواڻ ماهه رنگ بلوچ چيو آهي ته پرامن ۽ عدم تشدد جا حامي آهيون، تشدد جي سختي سان مخالفت ڪندا رهنداسين، هن چيو ته بلوچستان ۾ بيگناهه شهرين جي تشدد بابت منهنجي موقف جي حوالي سان سخت تنقيد ٿي رهي آهي، پهرين ڏينهن کان منهنجي پوزيشن واضح آهي، اسين پرامن ڪارڪن آهيون، بي وائي سي ۽ آئون نسلي، سياسي ۽ مذهبي وابستگي کانسواءِ ڪنهن به قسم جي تشدد جي مخالفت ڪريون ٿا، بلوچستان مسئلي جو حل قانون جي حڪمراني ۾ آهي، پر اقتدار ۾ رهندڙ حل نه ٿا چاهين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.