لنڊن(رضا رومي) محسن نقوي اسٽيبلشمينٽ جي نمائندي طور صدر آصف علي زرداري سان گڏ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، اسٽيبلشمينٽ کان ناراض مولانا کي پرچايو پيو وڃي،صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخوا ۾ پنهنجي گورنر جي قرباني ڏئي فضل الرحمان جي پارٽي جي ماڻهو کي گورنرشپ جي آڇ ڪئي آهي،20 سالن ۾ فضل الرحمان هر حڪومت جو حصو رهيو آهي، گورنرشپ ملي ته هو آئيني پئڪيج تي حڪومت جو ساٿ ڏيندو،سينيٽ ۾ حڪومتي اتحاد کي قانون سازي لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهربل آهي، حڪومت هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 مان وڌائي 23 ڪرڻ چاهي ٿي ٻيو آرٽيڪل 200 ۾ ترميمون ڪري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي مقرري وارو فارمولو لاڳو ڪيو ويندو ،آئينده چيف جسٽس جي مقرري لاءِ آئنده 5 سينئر ججن جا نالا موڪلي ڪئي ويندي، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ لاءِ پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ جو ڳٺ جوڙ وڏو خطرو آهي، ڇو ته مولانا جي پارٽي وڏو اسٽريٽ پاور رکي ٿي، جمعي تي آئيني پئڪيج لاءِ اهم ڏينهن آهي