جنگ واري حالت ۾ آهيون، بلوچستان جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ جلسي جي اين او سي معطل ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان هن وقت جنگ واري حالت ۾ آهيون، بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين عدالت کي ٻڌايو ته اسان کي جلسي جي اجازت ڏني وئي هئي، پر گذريل ڏينهن اين او سي معطل ڪئي وئي.چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته آخري رات اين او سي معطل ڇو؟ هي ماڻهو ڪنهن پارٽي جا حامي هجڻ کان پهرين انسان ۽ پاڪستاني آهن.چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته توهان پهريان ٻڌايو ته سيڪيورٽي خدشا آهن اسان اجازت نٿا ڏئي سگهون ته جڏهن به 25 هزار ماڻهو اچن ٿا ته انهن جي جان کي خطرو آهي.چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته سڄو اسلام آباد ڪنٽينرن سان بند آهي، ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ رڳو هڪ مارگلا روڊ کليل آهي ۽ اتي به ڊگهيون قطارون لڳل آهن، گاڏين جي اڌ ڪلاڪ تائين ڊگهي قطار لڳي وئي آهي.چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته محرم ٿي ويو، ختم نبوت وارا اچي ويا، هاڻي ٻڌايو ته اڳتي ڇا ٿيڻو آهي، ڇا سٺو لڳي ٿو ته ڪمشنر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪريون ؟بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.