بلوچستان ۾ پنجابين کي نشانو بڻائڻ جو مقصد ملڪ ٽوڙڻ آهي \انوار ڪاڪڙ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي نگران وزيراعظم ۽ سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جن جو ڪورٽ مارشل ٿي رهيو آهي انهن کان  هن ايوان مان سوال ڪيو وڃي ته هن ايوان کي ڳالهين جي حوالي سان ڪيئن گمراهه ڪيو ويو. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته 25 ۽ 26 آگسٽ جي وچ ۾ بلوچستان ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعن تي پوري قوم سوڳوار آهي.  انهن واقعن کان پوءِ پارليامينٽ، سوشل ميڊيا ۽ رياستي ادارن ۾ پراڻيون ڳالهيون ۽ داستان ٻيهر شروع ٿي ويا آهن، هاڻي مناسب وقت آهي ته ان بحث کي مثبت انداز ۾ اڳتي وڌايو وڃي.  هن چيو ته هتي ٻه سوچون آهن، هڪ آهي دهشتگردن سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ ٻيو طاقت جو استعمال، پر اسان کي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته انهن ٻنهي حڪمت عملين سان اسان ڇا حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا، هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا انهن شين کي ڏسندي. پنجاب جي رهواسين کي نشانو بڻائڻ جو مقصد پنجابي ۽ بلوچ جي ويڙهه ناهي، دهشتگردن جو مقصد پاڪستان کي ٽوڙڻ آهي. هڪ نئين رياست ٺاهڻ آهي. جيڪڏهن ڪو بلوچ، سنڌي يا پختون رياست سان گڏ بيٺو آهي ته اهي دهشتگرد مٿن حملا ڪندا آهن. سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته رياست کي ڪنهن به ملڪ ۾ تشدد سان منهن ڏيڻ جو اختيار حاصل آهي پر بدقسمتي سان انهن ادارن جي وچ ۾ خال پيدا ٿي ويو آهي جن کي آئين ۾ اها ذميواري ملي آهي. هن چيو ته اسان کي بلوچستان ۾ موجود دهشتگرد تنظيمن جي وڪالت ۽ وضاحت ڪرڻ جي ضرورت ناهي، سندن موقف جو تعلق اليڪشن نه ٿيڻ، سياسي حق نه ملڻ سان ناهي، هو چون ٿا ته اوهان اسان جي زمين تي قبضو ڪري رهيا آهيو ۽ اسان جي الڳ سڃاڻپ آهي پر اهي آهن. ماڻهو صرف هڪ سيڪڙو آهن، هن چيو ته ڳالهيون هميشه جنگ کان پوءِ ٿينديون آهن، اڳ ۾ نه، اوڀر پاڪستان ۾ اسان سان ۽ افغانستان ۾ آمريڪا سان اهو ئي ٿيو، جڏهن ته جن ماڻهن جو ڪورٽ مارشل ٿي رهيو آهي، انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ته هن ايوان کي ڪيئن گمراهه ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.