ڪوئيٽا پريس ڪلب تي ضلعي انتظاميا جون پابنديون

ڪوئيٽا/لاهور/ڪراچي(م ڊ+رپورٽر) ڪوئيٽا جي  ڊي سي ڪوئيٽا پريس ڪلب جي صدر کي خط ۾ ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ ڪانفرنسز يا سيمينار کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر جي اين او سي لازمي قرار ڏني آهي،خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن سياسي جماعت ۽ تنظيم کي بغير اين او سي جي ڪانفرنس يا سيمينار جي اجازت نه ڏني وڃي، خط ۾ چيو ويو ته اهو فيصلو امن امان جي صورتحال جي پيش نظر ڪيو ويو، ٻئي پاسي لاهور پريس ڪلب جي صدر ارشد انصاري چيو آهي ته اظهار راءِ تي پابندي خلاف سڄي ملڪ جا پريس ڪلب متحد آهن، بلوچستان حڪومت هوش کان ڪم وٺي، ٻئي پاسي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي،جنرل سيڪريٽري شعيب احمد بلوچستان حڪومت پاران ڪوئيٽا پريس ڪلب جي معاملن ۾ مداخلت جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ڊي سي ڪوئيٽا جي خط تي سڄي ملڪ جي صحافين ۽ سول سوسائٽي ڪارڪنن ۾ ڳڻتي پکڙيل آهي، پريس ڪلبن جي معاملن ۾ مداخلت هڪ خطرناڪ روايت آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.