سچ پچ ته هتي غربت سبب ڪڏهن خود ڪشي ته ڪڏهن پنهنجي ٻچڙن کي وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ته ڪڏهن پنهنجي ٻارڙن کي ذبح ڪرڻ جا واقعا ته ڪڏهن وري پنهنجي ٻارڙن سميت زهر کائي يا معصوم ٻارڙن سميت پاڻي ۾ ٽپو ڏئي مرڻ جا دردناڪ منظر ڏسي ۽ حال ٻڌي اڄ دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي.
هن غربت ۽ بيوسي سبب هر روز ملڪ ۾ دل جهوريندڙ ۽ ڪربناڪ واقعا رونما ٿين ٿا جنهن سان هر هڪ حساس انسان, هن بيوسي جي عالم ۾ تڙپندو ۽ لڇندو رهي ٿو ۽ سوين سوال ذهن ۾ جنم وٺن ٿا پر انهن سوالن جي طرف سوچڻ سان هن بي رحم ۽ ڪٺور دل حڪمرانن توڙي بي حس سماج کي ڪوئي به فڪر ناهي!
ڇا هي آهي اسانجو اهو پيارو ملڪ, اسلامي جهموريه پاڪستان جنهن جي آزاديء جا اسانجي سڀني وڏڙن ۽ بزرگن اکين ۾ خواب سجايا هئا ۽ باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح سان گڏ ان وقت جي ٻين ڪيترن ئي ليڊر صاحبان ان لاءِ قرباني ڏني هئي ته اسين هن ملڪ ۾ پروقار طريقي سان پنهنجي ٻچڙن جو مستقبل روشن ڪري آزادي واري پر سڪون زندگي گذارينداسين, هن ملڪ جي خوشحالي , ترقي ۽ ناموس لاءِ پاڻ پتوڙيندا سين.
افسوس جو اڄ هتي حڪمرانن ۽ مٿئين طبقي جي ماڻهن هن ملڪ ۾ مسڪين ۽ پورهيت عوام جي زندگي جهنم بڻائي ڇڏي آهي ۽ حالت وڃي اتي پهتي آهي غربت جي چڪيء ۾ پيسجندڙ پورهيت طبقي جي بيوسي ۽ محرومي سبب هر روز ڪوئي نه ڪوئي قيامت جهڙو نئون منظر سامهون اچي ٿو جنهن سان يقينن انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو, پوءِ اهڙي صورتحال ۾ سماج اندر هر روز ڪو نه ڪو نئون لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو سامهون اچڻ اڄ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي.
ڇا هي حقيقت ناهي ۽ صرف الفاظ آهن, جو هتي هر روز ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ نئين قيامت برپا آهي, انسان ايترو ته غربت سبب ذهني طور تي مفلوج بڻجي چڪو آهي جو اڄ هو ڪٿي پنهنجي گلن جهڙا معصوم ٻچڙا ذبح ڪري رهيو آهي ته ڪوئي وري خود ڪشي ڪري, الله پاڪ پاران ڏنل زندگي جهڙي عظيم ۽ انمول نعمت تان هٿ کڻي رهيو آهي.
اسانجا هي بدديانت حڪمران پنهنجي صلاحيتن ۽ ڪارڪردگي تي فخر ڪري رهيا آهن ۽ سندن ساٿاري توڙي حمايتي اهڙن حڪمرانن جي شان ۾ هر وقت قصيدا ڳائي رهيا آهن.
هاڻي هتي سڀني لاءِ هن سوال تي غور ڪري ۽ حقتقت کي سمجهڻ انتهائي ضروري آهي ته آخر سچ ڇا آهي. ڇا هي مظلوميت جا منظر سچ آهن يا اسانجي هن مهربان ۽ قدردان حڪمرانن جون عوام دوستي جون اهي دعوائون ۽ سندن ساٿارين جي اها قصيدا گوئي سچ آهي, جيڪا کانئن هميشه ٻڌندي ٻڌندي هينئر مسڪين عوام جا ڪن ئي پچي پيا آهن⸮
دراصل حقيقت ۽ سچ هي آهي جيڪو اڄ اوهانجي اکين اڳيان آهي ۽ افسوس وري اهو آهي جو اسانجي هيٺئين ۽ وچولي طبقي جا ڪيترائي دوست هر وقت ڪارا چشما پائي اکيون بند ڪري, حڪمرانن جي شان ۾ تعريفون ۽ قصيدا ڳائيندي چون ٿا ته ملڪ بهتري طرف روان دوان آهي ۽ عوام جي حالت هينئر بهتر ٿي رهي آهي.
سچ پچ ته هن عوام جي هي حالت اڄ ڏاڍي رحم جوڳي آهي شال انهن سمورن حاڪمن جي دل ۾ الله پاڪ عوام لاءِ رحم عطا ڪري ۽ مسڪين عوام کي به ساڃاه عطا فرمائي ته جيئن هو سمجهي سگهن ته اسانجي هن ذلتن ڀري زندگي مان جان ڇڏائڻ جو آخر ڪهڙو رستو آهي⸮
سڀ ڪجهه هن پيڙهيل ۽ محروم طبقي کي پاڻ ئي ڪرڻو آهي ۽ پنهنجو ويڄ ۽ طبيب پاڻ کي ئي ٿيڻو آهي, هتي اسانجي حالت سڌارڻ لاءِ ڪي به فرشتا آسمان مان ڪون لهي ايندا, سڀني کي پوري سچائي سان ڪنهن شاعر جي هنن سٽن جيان اٿي ڪوئي عزم ڪرڻو آهي ۽ حق جي آواز کي بلند ڪري ۽ اها ئي صدا ڏيڻي آهي ته.
او ساٿي ڪوئي ساٿ ته ڏيو
ٿي ساٿي سڀ کي رهڻو آهي
هن دوزخ جهڙي دنيا کي هت
اڄ بهشت بڻائي ڇڏڻو آهي!