پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ تائين جيڪا به حڪومت اقتدار ۾ ايندي آهي ته اها عوام آڏو دعويٰ ڪندي آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن. حالانڪه چوڻ ائين گهرجي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت طرز حڪمراني کي هلائڻ لاءِ هڪ لڪير تي بيٺل آهن. بحرالحال جڏهن تحريڪ انصاف جي حڪمراني هئي ته حڪومت دعويٰ ڪندي هئي ته فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي بيٺل آهن. جڏهن ته مون اهيو به ڏٺو آهي ته جيڪا حڪومت اهڙي قسم جون دعوائون ڪندي ڏٺو آهي اهي هڪ پيج تي بيٺل نه هونديون آهن. صرف عوام کي بيوقوفي واري ڪپڙي ۾ لپيٽي بند ڪرڻ جي برابر هوندو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف تازو بيان ڏنو آهي ته حڪومت ۽ فوج توڙي آئيني ادارن ۾ جيڪا هڪ جهڙائي يا کڻي ٻڌي چئجي اهڙي ته آهي جو پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙي ٻڌي ڪڏهن به نه ڏٺي آهي. مون احمق جي ذهن ۾ الائجي ڇو ان اعلان کان پوءِ کوڙ سارا سوال ۽ وسوسا پيدا ٿي رهيا آهن ته آخرڪار وزيراعظم يا وقت جي حڪومت يا ذميوار سياستدان اهڙيون دعوائون ڇو ڪندا آهن؟ حالانڪه ملڪ جي ترقي لاءِ جيترو ڪردار اسٽيبلشمينٽ يا فوج جو هوندو آهي اوتري ئي ذميواري ۽ ڪردار سياستدانن جو هوندو آهي. پر هميشه هڪ پيج تي گهڻو وقت بيٺل نه هونديون آهن. ڪنهن نه ڪنهن ڌر ۾ ڀڃ ڊاهه پيدا ٿيندي آهي. پوءِ اڳرائي حڪومت ڪندي آهي يا فوج. اهو هڪ الڳ بحث ٿيندو.
جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ يا سياستدان واقعي هڪ پيج تي بيٺل هجن ۽ اهي گهڻو وقت بيٺل هجن ۽ گهٽ ۾ گهٽ 10 سال هڪ سوچ ۽ آواز ٿي ڪري ٻئي ادارا بيهن ته آءُ ڄاڻان ٿو ته ملڪ سنگاپور ۽ ملائيشيا ٿي سگهي ٿو. پر سڀني کي پنهنجا مفاد عزيز هوندا آهن. ڪنهن به ڌر جو مفاد پورو نه ٿيندو ته اهو ناراض ٿيندو ۽ پوءِ معاملا بگڙڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ ملڪ جي ترقي لاءِ شروع ڪيل ٽوٽل منصوبا به رولڙي جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ ائين ادارن ۾ ڇڙواڳي ٿيندي ڪرپشن جو هڪ طوفان برپا ٿي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻن وڏن ادارن ۾ ويڙهه جو شروع ٿي ويندي آهي. پاڪستان جي اشرافيا ۽ سياستدان آڏو سنگاپور جو مثال آئيني جيان صاف صاف بيٺل آهي جتي فوج ۽ سيستدانن پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي وچن ڪيو ته ٻئي ادارا هڪ پيج تي بيهندي ملڪ کي اهڙي ته ترقي ڏياريندا جو دنيا کي ڏندي آڱريون اچي وينديون. ۽ ڪوبه ادارو ڪرپشن نه ڪندو گڏجي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اعلان جنگ ڪندا. بلڪل ائين ئي ٿيو ۽ اڄ سنگاپور دنيا جي آڏو عيان بيٺل آهي. جيترا قدرتي وسيلا پاڪستان وٽ موجود آهن سنگاپور وٽ ڪجهه به ناهي. صرف سچائي جي ضرورت آهي جيڪڏهن ملڪ سان وفاداري ڪرڻي آهي ته ملڪ ترقي ڪندو. پر جيڪڏهن سوچ ۾ پاڪستان کان ٻاهر ملڪيتون وٺڻيون آهن ته پوءِ ملڪ ترقي ڇو ڪندو؟ پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين ڪاش جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ يا سياستدان هڪ آواز، هڪ سوچ ٿي ڪري ملڪ جي ترقي لاءِ سوچن ها. گڏجي ڪم ڪن ها ته اڄ ملڪ ڀارت، چين ۽ ٻين انهن ملڪن کان وڌيڪ معاشي طور ترقي ڪري چڪو هجي ها جيڪي ملڪ پاڪستان کان پوءِ آزاد ٿيا ۽ ترقي پذير ٿي ويا. پاڪستان سڀني کان اڳ ڀرو هجي ها.
هن وقت افغانستان جيڪو هميشه جنگين ۾ جڪڙيل رهيو آهي ۽ دنيا جي سپر پاور روس ۽ آمريڪا کي ڪچا چڻا چٻاڙڻ تي مجبور ڪندي انهن سپر طاقتن کي راتو رات ملڪ مان ڊوڙائي ڪڍي ڇڏيو اڄ اهو افغانستان ايشيا جو معاشي حب بڻجي رهيو آهي. سبب طالبان جي ادارن ۾ ڪرپشن ڪندڙن تي ڪرڙي نظر آهي ۽ اتان جو آرمي چيف خود ادارن کي اوچتو چيڪ ڪري رهيو آهي. هن وقت افغانستان ۾ امن و امان آهي. طالبان سوچين ٿا ته اسين سپر طاقتن سان جنگيون ڪيون ۽ اهي دنيا کي کٽي به ڏيکاريوسين توڻي جو سندن وٽ هوائي فوج به نه هئي. ايٽمي هٿيار به نه هئا. هاڻي معاشي طاقت ٿي به دنيا آڏو طالبان جنهن کي اڻ پڙهيل طور ڏٺو ويندو آهي مثال بڻجي ڏيکارينداسين. ۽ اهو مثال پاڪستان جي لاءِ هڪ چماٽ کان گهٽ نه هوندو ۽ پاڪستان کي اهڙي ته چماٽ لڳندي جو ان جو پڙاڏو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين وڏي آواز مان ٻڌڻ ۾ ايندو. اڃان به پاڪستان جي حڪمرانن جي هٿان مان وقت ناهي نڪتو.
هن وقت پياري پاڪستان جو معاشي توڙي سياسي ڍانچو مڪمل طور تباهه يا وري هلڻ ڦرڻ کان ناڪاره بڻيل آهي. ٺيڪ ڪير ڪندو؟ اهڙو سوال به ملڪ جي هر ننڍي توڙي وڏي جي ذهن ۾ موجود آهي. عوام مايوس آهي. غربت، مهانگائي عوام کي اپاهج، چريو، موڳو ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهو خاندانن سميت خودڪشيون ڪري رهيا آهن. تازو نواز شريف اعلان ڪيو آهي ته 100 يونٽ کان وٺي 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ ماڻهوءَ کان في يونٽ 14 روپيه ورتو ويندو پر اهو ايستائين صرف اعلان هوندو جيستائين چيئرمين نيپرا ڪا وضاحت يا نوٽيفڪيشن جاري نه ٿو ڪري. ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ اهڙا ڪوڙا بيان ايندا رهيا آهن.
آرمي چيف سيد عاصم منير هڪ اهڙي گيم کيڏي رهيو آهي جيڪا خود وزيراعظم کي به سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي ۽ آرمي چيف سيد عاصم منير پاڪستان لاءِ سنگاپور طرز جيان گيم کيڏي رهيو آهي. يعني ملڪ کي معاشي ترقي ڏيارڻ لاءِ ۽ پاڪستان کي ايشئن ٽائگر بنائڻ لاءِ. ڇاڪاڻ ته آرمي چيف جڏهن اسٽڪ آف ڪمانڊ سنڀالي هئي ته هڪ مهينو بعد بيان ڏنو هيو ته معاشي ڪرپشن جو مڪمل خاتمو سندس پهرين ترجيح آهي. “قدرتي ننڍڙي جاندار ڪميءَ کان ڪنهن پڇيو ته تنهنجي مٿان گاڏي چاڙهي توکي ماريو وڃي ٿو؟ ڪميءَ جواب ڏنو ته جيڪڏهن ماريندڙ کي منهنجي مالڪ جي طاقت جي خبر هجي ته ان کان شرڪ نڪري ويندو ۽ پوءِ مون مٿان گاڏي چاڙهي مونکي نه ماريندو. يعني الله پاڪ جي طاقت جي. سو قادر رحيم هڪ آهي. ان جي طاقت کان ڪير به وڌيڪ ناهي. باقي وقت ۽ زماني جون اجايو طاقتون آهن هڪ ڏينهن اهي به مٽيءَ ۾ مليا ميٺ ٿي ويندي. ملڪ جي نظام کي هلائڻ لاءِ فوج ۽ عدليا جو ادارو اهم حيثيت جو مالڪ هوندو آهي. جيڪڏهن انهن ۾ بگاڙ پيدا ٿيندو ته پوءِ مون سميت سڀني سول ماڻهن مان لغام نڪري ويندو آهي.
بحرالحال هن وقت اڳوڻي ڊي جي آئي ايس آئي ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد ۽ ٻين رٽائرڊ فوج جي اعليٰ آفيسرن جي گرفتاري کي ماڻهون ڪجهه هن طرح سوچي رهيا آهن ته ملڪ جي ادارن ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جيڪو قدم آرمي چيف کنيو آهي ان مان ثابت ٿئي ٿو. ملڪ معاشي طور مستحڪم ٿئي. فوج ملڪ ۾ زراعت، تعليم، صحت جي شعبن کي خاص ڌيان ڏيئي رهي آهي ته جيئن عوام کي ان جو صلو ملي پوي. اسان وٽ هميشه ٿيندو ائين آهي ته جيڪا پارٽي حڪومت هوندي آهي ان جي ڳالهائڻ جو لهجو مختلف هوندو آهي ۽ جيڪا پارٽي حزب اختلاف ۾ هوندي آهي ان جو وري ڳالهائڻ جو لهجو الڳ ۽ مختلف هوندو آهي. آخرڪار عوام کي بيوقوف ڇو ٿو بڻايو وڃي؟ حڪومت ۾ ايندڙ پارٽي چوندي آهي ته اڳوڻي حڪومت ملڪ جو خزانو خالي ڪري ويئي ۽ پوءِ عوام مٿان ٽيڪس مڙهيا ويندا آهن. بحرالحال هن وقت حڪومت مخالف ڌر سميت ننڍيون وڏيون پارٽيون ميثاق معيشت تي زور ڏيئي رهيون آهن ته پوءِ باقي وڙهڻ ڇاجو؟
بحرالحال اسان جي ننڍڙي گذارش اها آهي ته سڀ هڪ هنڌ گڏ ٿي ان ۾ فوج به هجي سياسي خلفشار کي ختم ڪري ملڪ لاءِ سوچڻ گهرجي ته جيئن ملڪ معاشي طور اڳتي نڪري وڃي ۽ عوام کي ڪو رليف ملڻ گهرجي ورنه انقلابي چڻنگ جيڪڏهن ڪٿان به ٻري ته پوءِ بنگلاديش جيان ان کي ڪوبه وسائي ڪونه سگهندو. هن وقت دنيا پاڪستان جو تماشو ڏسي رهي آهي. سو اسان کي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جو هڪ پيج تي هجڻ وارو غم کائيندو پيو وڃي. خوشي تڏهن ٿيندي جڏهن ملڪ کي معاشي طور اڀرڻ جي ڪا اميد نظر ايندي. سو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر پاڪستان جي معاشي ۽ سياسي حالتن لاءِ تمام اهم آهي.