بجلي جام هڙتال، عوام، حڪمرانن جا رويا

تحرير: مظهر عباس

وڏي عرصي کان پوءِ ڪنهن سياسي جماعت نج عوامي مسئلن تي هڙتال جو سڏ ڏنو  آهي  سو به ورڪنگ ڏينهن تي. شايد ئي اڄ  جي دور ۾ اهڙو  ڪو گهر  هجي جيڪو ان مسئلي کان متاثر نه ٿيو هجي،  اهو  مسئلو آهي ” بجلي جو بل “ جيڪو هر مهيني  بجلي بڻجي مٿان ڪرندو آهي  جنهن جي بار هيٺان خاص ڪري وچولو  ۽ هيٺيون  طبقو دٻجندو ئي رهيو آهي.  هاڻي يا ته اوهان  بجلي چور بڻجي وڃو يا پنهنجي پگهار  جو وڏو حصو  ان جي نذر  ڪري ڇڏيو  هاڻي جڏهن ان اشو تي ڪالهه  شٽر ڊائون  ٿي آهي، ڦيٿا روڪ هڙتال ٿي آهي. جماعت اسلامي ۽ ان جو  امير  نعيم الرحمان   يقيني طور تي مبارڪ باد جو حقدار آهي  ته ان نه رڳو عوامي مسئلن  تي آواز اٿاريو  آهي  پر  جماعت اسلامي جو به سياسي مزاج تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته  اڄ جي دور ۾ ڪنهن به هڙتال سبب گهڻو ڪري اهو ئي طبقو متاثر  ٿيندو آهي جنهن لاءِ هڙتال ٿي رهي هوندي آهي هونئن به اسان جو مجموعي رويو  ڪجهه اهڙو ئي ٿي ويو آهي  ته حق وٺڻ سٺو  پر ان لاءِ ڪو ٻيو مري ته سٺو  يعني مان پاڻ ڪا قرباني  نه ڏيان بس زباني خرچ تي گذارو ڪجي.

جماعت اسلامي جي سياست تي ۽ ان جي تنظيم تي مان ڪافي ڀيرا لکي  چڪو آهيان. هڪ ڀيري ته منصور ا وڃي ڪري انهن تي پورو پروگرام به ڪيو.  ان سان سياسي ۽ نظرياتي اختلاف به رهيو آهي ۽ وقت سان گڏوگڏ ان به پاڻ کي سخت گير شورا جي  مقابلي ۾ عوامي رنگ آڻڻ  جي ڪوشش ڪئي آهي.  شخصيت  پرستي هن خطي جي سياسي مزاج  جو حصو آهي جيتوڻيڪ  هڪ وڏي عرصي تائين  جماعت پنهنجو پاڻ کي  ان کان پري رکيو آهي  پر شايد قاضي حسين احمد مرحوم جي امارت  ۾ ان ڏس ۾ ڪجهه تبديليون  نظر آيون  جنهن تي خود جماعت جي اندر سخت تنقيد ڪئي وئي  ايستائين جو هڪ وقت اهرڙو  به آيو جو هن امير جماعت  جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي جنهن کي شورا منظور  نه ڪيو  البته ويندي ويندي پنهنجي ٽن قسطن تي ٻڌل امارت ۾ هو جماعت  اسلامي جي قيادت کي اهو مشورو  ضرور  ڏئي ويو ته جماعت جي دوستن لاءِ اهو سمجهڻ ضروري آهي ته هن ملڪ ۾ انهن کان علاوه به مسلمان رهن ٿا مطلب ته سخت گيري ڪري جماعت پاڻ کي نقصان پهچائي رهي آهي. جماعت جو امير سيد منور حسن جيئن تي پنهنجي مزاج جو سياستدان هو ۽ ان سان ڪيتريون ئي ڪچهريون ٿيون  پر اهو  مقتدرا کي قبول نه هو شايد اهو ئي سبب آهي ته جڏهن کيس جماعت اسلامي جو  امير بڻايو ويو ته ان جي عمر ۽ صحت اهڙي نه هئي جو هو ڊگهي عرصي تائين جماعت جو امير رهي سگهي ها. ٻيو ته  جماعت جا اڪابر به شايد اهو ئي  چاهين پيا سو مختصر اهو ته جماعت اسلامي پاڻ پروفيسر  غفور احمد جهڙي زيرڪ سياستدان کي امير  نه بڻائي  صرف ۽ صرف ضيا الحق کي خوش ڪيو پر پاڻ کي نقصان ڏنو. پروفيسر غفور شايد ميان طفيل جي نموني جي سياست سان متفق نه هو.

ماضي جي اميرن جي مقابلي ۾ حافظ نعيم الرحمان ۾ هر وقت ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي جستجو هوندي آهي جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن کيس نقصان به ٿيندو آهي  جيئن ويجهڙ ئي ٿيل ڌرڻو  ڄڻ ته سندس ڳچي ۾ پئجي ويو هو  پر سياست ۾ رسڪ به کڻڻو پوندو آهي.  ڪالهه واري بجلي جي اشو تي ٿيل هڙتال به ان جو ئي تسلسل نظر آئي. ظاهر آهي ته هيءَ  ”سولو  فلائيٽ“  آهي  پر  ان جي مخالفت ڪو به ڪاروباري طبقو ۽ ٻيو ڪو طبقو نه ٿو ڪري سگهي. ڀلي اهو احتجاج مڪمل طور تي ڪامياب نه به هجي پر بجلي جي ڳاٽي ٽوڙ  ۽ ناقابل برداشت بلن خلاف اهو خاموش احتجاج ضرور  سمجهيو ويندو  بهتر هو ته اها گڏيل ڪال هجي ها بهرحال پوءِ به ان هڙتال جو سهرو جماعت اسلامي ڏانهن ويندو .

اڄ کان ڪجهه سال اڳ حافظ نعيم ڪراچي بچاءُ يا ” حق دو ڪراچي ڪو “ جي سري هيٺ مهم جي شروعات ڪئي هئي  جنهن کي سندس مخالف ايم ڪيو ايم جي طرز سياست  چيو هو  پر حقيقت ته اها ئي آهي ته ڪراچي کي ان جو حق نه مليو، ان کي رڳو هڪ اهڙي منڊي سمجهيو ويو جتي هر شي  وڪامي آهي  پر  بجلي ۽ مهانگائي  ته هر ڪنهن ڪنهن کي وڪڙ ۾ آندو آهي هاڻي خبر ناهي ته اهي ڪهڙا انگ اکر آهن  جيڪي ٻڌائين ٿا ته مهانگائي گهٽجي وئي آهي  اها ته رڳو ان صورت ۾ ئي گهٽجي سگهي ٿي يا ته پگهار دار طبقي جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو  وڃي يا بجلي الائونس ملڻ شروع ٿي وڃي.

اصل ۾ اسان جي حڪمرانن جون پاليسيون مجموعي طور تي عوام مخالف هونديون آهن ڇاڪاڻ سندن پنهنجو واسطو عام سان نه  پر خاص سان هوندو آهي تعلق عوام سان ڄاڻائيندا پر  مري جي پر فضا مقام تي  هفتا رهڻ باوجود  فيصلا نه ڪري سگهندا آهن  درد کي اوهان تيسيتائين  محسوس نه ٿا ڪري سگهو جيسيتائين اوهان کي پاڻ اندازو نه ٿئي ته زخم ڪٿي لڳل آهي. وڏين وڏين گاڏين ۾ ويهي ڪري اوهان کي اهو قطعي طور تي احساس  نه ٿو ٿي سگهي ته رستو  ڀڳل ٽٽل  آهي يا نه.  تصور ڪريو ته چاليهه  پنجاهه سالن کان ڪچي جي ڌاڙيلن نه ڄاڻ ڪيترا پوليس وارا شهيد ڪيا آهن. خير ڳالهه  پئي هلي عوامي مسئلن جي هتي اونئن ئي ماڻهو ٽيڪس ناهن ڏيندا هاڻي بجاءِ  ان جي ته ان نظام کي بهتر  ڪري ٽيڪس جو نيٽ ورڪ سٺو  بڻايو  وڃي  رهندو اضافي ٻوجهه وڌو  ويو آِهي  يعني کين ٽيڪس چوري ڪرڻ تي  اتساهيو پيو وڃي.

يقينن ڄاڻو ته چاليهه سالن جي صحافت ۾ مون تمام ويجهو کان انهن سياسي ۽ غير سياسي حڪمرانن ۽ بيوروڪريسي کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو مليو آهي. هي ملڪ اوٽن شئين تي هلي رهيو آهي، هڪ ڪنيڪشن لاڳاپا، ٻيو هر ڪم ڪميشن تي، نه ته فائل ئي نه ملندي ۽ ٽيون ڪرپشن. اوهان جي سوچ رڳو ڪجهه سياستدانن تي بيهي ويندي آهي پر يقين ڪريو ته صورتحال ان کان وڌيڪ سنگين آهي. پر جيئن ته صحافت پاڻ بدترين دور مان گذري رهي آهي تنهن ڪري خبرون، تبصرا ۽ تجزيا به مجموعي طور تي انهن ٽن شئين جو شڪار ٿي ويا آهن.

اڳتي وڌڻ جو رستو ڏکيو آهي. جڏهن انصاف جي ايوانن مان نا انصافي جي بوءِ اچڻ شروع ٿي وڃي، جڏهن سياست ۽ صحافت سکڻا ڪاروبار بڻجي وڃن جڏهن حڪومت ۽ رياست ڊس انفارميشن جا سڀ کان وڏا ذريعا ٿي پون ته ان صورت ۾ يا ته طوفان ايندو آهي يا انارڪي.اها ڳالهه صحيح آهي ته سڀني کي عراق، افغانستان ۽ لبيا کان سبق سکڻ گهرجي ۽ آزادي جو قدر ڪرڻ گهرجي پر شام سوڌو انهن سڀني ملڪن ۾ اظهار جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي تي پابندي هئي تنهن ڪري اتان جي حڪمرانن کي پتو ئي نه پئجي سگهيو ته سچ ڇا آهي.

اڳتي وڌڻ جو رستو ڏکيو آهي. جڏهن انصاف جي ايوانن مان نا انصافي جي بوءِ اچڻ شروع ٿي وڃي، جڏهن سياست ۽ صحافت سکڻا ڪاروبار بڻجي وڃن جڏهن حڪومت ۽ رياست ڊس انفارميشن جا سڀ کان وڏا ذريعا ٿي پون ته ان صورت ۾ يا ته طوفان ايندو آهي يا انارڪي.اها ڳالهه صحيح آهي ته سڀني کي عراق، افغانستان ۽ لبيا کان سبق سکڻ گهرجي ۽ آزادي جو قدر ڪرڻ گهرجي پر شام سوڌو انهن سڀني ملڪن ۾ اظهار جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي تي پابندي هئي تنهن ڪري اتان جي حڪمرانن کي پتو ئي نه پئجي سگهيو ته سچ ڇا آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.