منھنجون خالد خاصخيلي سان تمام پراڻيون يادون وابسته آھن جڏھن ھو صرف صوفي خالد خاصخيلي ھو ان وقت به ڳائڻ جو شوق ھو ڳوٺن ۾ ٿيندڙ شادي جي محفلن ۾ ڳائيندو ھو اتي ٻين ڪلامن کان علاوه قومي گيت به ڳائيندو ھو. اھڙي ھڪ محفل ملير ۾ بچل خاصخيلي ڳوٺ ۾ ٿي جيڪا منھنجي مائٽ ھارون خاصخيلي جي شادي ھئي معلومات ڪرڻ تي خبر پئي ته فنڪار جو نالو صوفي خالد خاصخيلي آھي ٽنڊي محمدخان مان آيو آھي جنھن کي اسان جي ڳوٺ جي چڳي مڙس زميندار سيد ملوڪ شاهه پاڻ سان وٺي آيو جتي منھنجي ملاقات ۽ تفصيلي ڪچھري ٿي پاڻ سان آندل ڊائري ۾ سنڌ جي مزاحمتي قومي شاعر سنڌي پورھيت سنگت جي مرڪزي اڳواڻ آتش سنڌي جي شاعري لکيل ھئي ۽ شادي جي خوشي جي محفل ۾ پاڻ اھي ئي انقلابي قومي شاعري پيش ڪيائين جيڪي ان دور ۾ اڃان مشھور ڪونه ھئا.
مون پھريون ڀيرو اھو گيت خالد خاصخيلي وٽان ٻڌو ھو تنگ ٿيو سنڌي سماج آ احتجاج احتجاج آ ان کان علاوه آتش سنڌي جا ڪيئي گيت ھن محفل ۾ ڳائي سڄي پنڊال کي انقلاب جي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو. نوجوانن ۾ نئون روح ڦوڪي کين قومي انقلابي گيتن ڏانھن مائل ڪيو ڪافي سالن کان پوءِ خالد خاصخيلي پوري سنڌ ۾ قومي فنڪار ٻيجل سنڌي جي روپ ۾ نڪري نروار ٿيو ۽ قومي تحريڪ جو حصو بڻجي ويو ان دور ۾ سنڌ جي قومي جدوجھد ڪندڙ جيئي سنڌ محاذ جنھن جو چيئرمن عبدالواحد آريسر ھو ان کان پوءِ قومي تحريڪ ۾ ٽوڙ ڦوڙ ٿي ته جيئي سنڌ محاذ مختلف محاذن ۾ ورھائجي وئي. اھڙي صورتحال ڪارڪنن لاءِ انتھائي پريشان ڪندڙ ھئي ڪي ته وڃي مختلف گروپن جو حصو ٿيا ته ڪي وري مايوس ٿي ھڪ ڪنڍ پاسي ويھي رھيا.
ٻيجل سنڌي به انھيءَ صورتحال ۾ ھڪ پاسي ٿي ڪري پنھنجي فن کي اجاگر ڪرڻ لڳو چپ ڪري نه ويٺو شاعري جي ذريعي پنھنجو پيغام سرن وسيلي عوام تائين پھچائيندو رھيو ويتر سندس علائقي جي شاعر بلبل کوراھي جي شاعري سنڌ مرڪي پئي ويتر مقبوليت ۾ اضافو ڪيو پر سندس معاشي حالت ڏينھون ڏينھن ڪمزور ٿيندي پئي وئي پر پاڻ ان کان بي خبر ٿي ڪري قومي ڪم ۾ رات ڏينھن سرگردان ھوندو ھو جو خبر ئي نه پئي ته کيس ڪينسر جھڙو موضي مرض وڪوڙي ويو آھي. پاڻ خاموش رھيو بيماري سان آخري گھڙي تائين مقابلو ڪيائين سندس چاھڻ وارن اخبارن ۽ سوشل ميڊيا وسيلي سنڌ حڪومت ثقافت کاتي ۽ ٻين وس وارن ادارن کي اپيلون ڪيون ته سنڌ جي قومي راڳي جي حياتي بچائي وڃي ھن جو پرڏيهھ مان علاج ڪرايو وڃي پر ڪٿان به ڪو خاطرخواهه جواب نه مليو ۽ نه ئي ڪو اعلى عملدار ٻيجل جي طبعيت پڇڻ لاءِ ان جي آستاني تي ويو.
اسان جو سنڌي معاشرو جتي انيڪ اھڙا واقعا ٿي گذريا آھن سوين سنڌ جا فنڪار ايئن بي وسي جي موت جي منھن ۾ ھليا ويا آھن جيئري انھن جي ڪابه سار سنڀال ڪونه ٿي ڪئي وڃي نه ڪا مالي مدد ڪئي ٿي وئي اھڙن فنڪارن جي لسٽ ۾ ٻيجل سنڌي به آھي جنھن جي حياتي ۾ ڪجهه به نه ڪيو ويو پر ھاڻي سندس لاڏاڻي کان پوءِ سنڌ جا سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا حرڪت ۾ اچي ويا آھن ۽ ان جي موت تي ماتم ڪرڻ جون مجلسون ڪري رھيا آھن اصل ۾ته اسان مردهه پرست آھيون. مرڻ کان پوءِ ان شخصيت کي ياد ڪندا آھيون ڀيٽا پيش ڪري تعزيتي ميڙاڪا ڪندا آھيون ”اھو اسان جي معاشري جو انتھائي تاريڪ ۽ بزدلانه ڪردار آھي جنھن تي اڄ ڏينھن تائين سڌارو نه اچي سگھيو آھي.
بحرحال ٻيجل سنڌي جو عارضي سفر پورو ٿيو پر ھي سنڌي سماج جي باشعور عوام ۾ صدين تائين زندهه رھندو ان جا چيل گيت سنڌ جي ڪنڍ ڪڙڇ ۾ انقلاب جي راهه ھموار ڪندا تاريخ جي صفحن تي به اھڙن ڪونڌرن کي ياد ڪيو ويندو آھي جيڪي پنھنجي سڄي زندگي عملي جدوجھد ۾ گذاريندا آھن جس آھي ٻيجل کي جنھن شاهه جي انمول ڪردار جو روپ ڌاري وقت جي حاڪمن جي خلاف سينو تاڻي بيٺو ۽ ھيشه جي لاءِ امر ٿي ويو .