ڪراچي ۾ سخت گرمي دوران به بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ، شهري پريشان

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ سخت گرمي جي لهر دوران به بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ جاري آهي، جڏهن ته شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي بندش جو دورانيو 12 ڪلاڪن کان به وڌي ويو جنهن  سبب شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، شهر هن وقت سخت گرم موسم جي لپيٽ ۾ رهيو، سخت گرمي جي باوجود شهر جي مختلف علائقن ۾ 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ سبب شهري بيحال ٿي ويا، ڊگهي بجلي بندش روزمرهه جي زندگي ۽ ڪاروباري سرگرمين کي به متاثر ڪري رهي آهي، ٻئي پاسي ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته شهر جي ڪنهن به علائقي ۾ 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ بجلي جا بل ادا نه ٿيڻ سبب فراهمي عارضي طور معطل ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته شهرين جو چوڻ آهي ته بجلي جا بل ادا ڪندڙن جي به بجلي بند ڪئي پئي وڃي يا وري 12، 12 ڪلاڪ بجلي بند ڪري عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي، شهرين جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو شهري بجلي جو بل نٿو ڏيئي ان جي بجلي ڪٽي وڃي پوري علائقي جي بجلي ڪٽي ظلم ڪيو وڃي، معصوم ٻار سخت گرمي ۾ ڪڙهي رهيا آهن، سنڌ حڪومت کي فوري نوٽيس وٺي بجلي جي بندش ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.