بي آر ٽي يلو لائين منصوبي لاءِ 256 اليڪٽرڪ بسون خريدڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي يلو لائين بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) منصوبي لاءِ 256 اليڪٽرڪ بسون خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ روزانو لڳ ڀڳ 3 لک مسافرن کي سفري سهولتون فراهم ڪيون وينديون، منصوبي جي دستاويزن موجب يلو  لائين بي آر ٽي کي ڪراچي بريز نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل جديد ٽئين نسل جي ٽرانزٽ نظام طور تيار ڪيو پيو وڃي، هي منصوبو عالمي بئنڪ جي مالي سهڪار سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد ڪراچي جي عوامي ٽرانسپورٽ نظام کي جديد بڻائڻ آهي، منصوبي تحت دائود چورنگي کان نمائش تائين 21 ڪلوميٽر ڊگهو مخصوص بي آر ٽي ڪوريڊور قائم ڪيو ويندو، جيڪو ٽاور تائين ويندڙ گڏيل ڪوريڊور سان پڻ ڳنڍيل هوندو. رستي تي مجموعي طور 28 اسٽيشنون تعمير ڪيون وينديون، جن مان 22 زميني سطح تي ۽ 6 زير زمين هونديون، منصوبي جي لاڳت موجب هي نظام روزانو 2 لک 60 هزار کان 3 لک مسافرن کي سفري سهولتون فراهم ڪندو، جڏهن ته سالياني مسافرن جو انگ لڳ ڀڳ 7 ڪروڙ 80 لک تائين پهچي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.