ڪراچي ( نمائندن وٽان ) سنڌ ۾ چوماسي جي وسڪارن تباهي مچائي ڇڏي، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات جو سلسلوگذريل ڏينهن به جاري رهيو، نارٿ ڪراچي، نيو ڪراچي، سرجاني ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات پئي، گلشن حديد، عزيز آباد، گلشن اقبال، گلستان جوهر، لياقت آباد، ايف بي ايريا ۽ سهراب ڳوٺ ، لياري، صدر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به برسات پئي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ رات دير سان برسات جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته برسات جو سلسلو 31 آگسٽ تائين جاري رهي سگهي ٿو. حيدرآباد، دادو، ٿرپارڪر ۽ مٽياري سميت ٻين شهرن ۾ به برسات، گرمي جو زور گهٽجي ويو، ڀٽ شاهه ويجهو ڳوٺ الياس پرهياڙ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ عورت فوت ۽ 2 ٻار زخمي ٿي پيا، فوتي عورت جي سڃاڻپ سلما زال ليمون طور ٿي، زخمين ٻارڙن ۾ افتخار ۽ مشتاق شامل آهن ، ميرپور ساڪرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به چوماسي جي وسڪارن تباهي مچائي ڇڏي، ٻهارا جي يو سي کڳاڻ جي ڳوٺ الهه بخش ڪلوئي ۽ محمد بخش ڪلوئي ۾ وسڪاري دوران 40 گهر ڪري پيا، گهرن ۾ ستل 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا،زخمين ۾ محمد هاشم، مير محمد، فريد ڪلوئي، گلو ڪلوئي ۽ ٻيا شامل، زخمين کي شيخ زيد اسپتال ميرپور ساڪرو پهچايو ويو، ميرپور ساڪرو جي يوسي گگهي جي ڳوٺ صاحب خان لاشاري ۽ عارب آمڙو ۾ 35 گهر ڪري پيا، نبي سر روڊ ۾ اسڪول جي ڀت ڪري پئي، ٻار محفوظ رهيا، ٽنڊو ڄام، پليجاڻي، سيراڻي، ٽنڊو آدم، شيخ ڀرڪيو، اڏيرو لال اسٽيشن ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به برسات وقفي وقفي سان برسات سبب پاڻي بيهجي ويو.