ملتان ۾ طوفاني برسات 48 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

ملتان(م ڊ) ملتان ۾ طوفاني برساتن 48 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، رڳو 2 ڪلاڪن ۾ 147 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.واسا ملتان جي ترجمان موجب سال 1976ع ۾ 134.5 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي هئي.ملتان ۾ تيز برسات سبب عام زندگي سخت  متاثر ٿي وئي آهي، شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.موسميات کاتي موجب برسات جو سلسلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهندو.ڊپٽي ڪمشنر موجب سڄي ضلعي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، شهري احتياطي اپاءَ وٺن.

  1. سنڌ ۾ اسڪول اڄ معمول موجب کليل رهندا: تعليم کاتو

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي اعلان ڪيو آهي ته اڄ سڄي سنڌ ۾ اسڪول معمول موجب کليل رهندا.تعليم کاتي سمورن سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن جي انتظاميا کي چيو آهي ته والدين سان رابطي ۾ رهن، اسڪول بند  ٿيڻ يا موڪلن بابت افواهن تي ڌيان نه ڏين. ياد رهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، اڄ رات کان شروع ٿيندڙ تيز برسات 31 آگسٽ تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، 28 آگسٽ کانپوءِ مون سون جي سسٽم ۾ وڌيڪ شدت اچڻ جو امڪان آهي.

  1. 34 سالن بعد موت جي سزا عمر قيد ۾ تبديل!

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ٻٽي قتل جي ڏوهه ۾ موت جي سزا مليل قيدي جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي آهي.9 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس جمال خان مندوخيل لکيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته  مجرم غلام شبير 34 سالن کان جيل ۾ آهي ۽ عمر قيد کان وڌيڪ سزا ڪاٽي چڪو آهي، ڪيترن ئي عدالتي فيصلن ۾ موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته حڪومت موت جي سزا جي قيدين بابت فوري قدم کڻي.عدالت چيو ته موت جي سزا جي جوابدارن سان غير انساني سلوڪ ڪيو ويندو آهي، ڊيٿ سيل جي قيدين جي بنيادي حقن جو به خيال نه رکيو ويندو آهي.عدالت چيو ته موت جي سزا جي جوابدارن جي پرائيويسي جو به خيال نه رکيو ويندو آهي، موت جي سزا جا سمورا جوابدار هڪ ئي ٽوائلٽ استعمال ڪندا آهن.فيصلي ۾ چيو ويو ته موت جي سزا جي جوابدار جي سيل کي 12 بائي نو رکيو ويندو آهي، موت جي سزا جي جوابدار کي ڏينهن ۾ رڳو هڪ ڪلاڪ ٻاهر گهمڻ جي اجازت هوندي آهي.عدالت چيو ته ڊيٿ سيل جي قيدي جون حالتون ٻين قيدين کان وڌيڪ خراب هونديون آهن، ڊيٿ سيل ۾ مجرم کي اڪيلو ۽ ويجهي نگراني ۾ رکيو ويندو آهي، موت جي سزا جو مطلب اهو ناهي ته مجرم سان غير انساني سلوڪ ڪيو وڃي.فيصلي ۾ چيو ويو ته گڏيل قومن قيدين جي حقن بابت نيلسن منڊيلا قانون ٺاهيو، پاڪستان به گڏيل قومن جو ميمبر آهي، پاڪستان جا جيل جا قانون پراڻا آهن، جن تي حڪومت ڌيان نه ڏنو آهي.فيصلي جي ڪاپي گهرو سيڪريٽري ۽ صوبائي چيف سيڪريٽريز سميت سمورن سرڪاري لا آفيسرن کي موڪلي وئي آهي.

  1. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 79 ۾ ٻيهر ڳڻپ جي درخواست منظور

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 79 گوجرانوالا ۾ ٻيهر ڳڻپ جي درخواست منظور ڪري ورتي. اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ (ن) جي اميدوار جي  درخواست منظور ڪندي پنهنجي لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته رٽرننگ آفيسر ٻن ڏينهن ۾ ٻيهر ڳڻپ ڪري فارم 49 جاري ڪري. وڌيڪ چيو ويو ته ٻيهر ڳڻپ کانپوءِ ڪامياب اميدوار جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي ٻيهر ڳڻپ جو اختيار ڏنو آهي. حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ٻيهر ڳڻپ ۾ رٽرننگ آفيسر رد ٿيل ووٽن جي به ڇنڊڇاڻ ڪري. ريٽرننگ آفيسر ڳڻپ ڪري ٻن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.