آءِ بي سي سي جو سڄو سسٽم آن لائين ٿي چڪو آهي: ڊاڪٽر غلام علي ملاح

ڪراچي (رپورٽر) انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي ملاح ذيلي ڪميٽي جي تازي اجلاس کانپوءِ   (آءِ بي سي سي) ڪراچي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  آءِ بي سي سي تعليم ۾ بهتري آڻڻ  لاءِ  ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ آءِ بي سي  سي جو سڄو سسٽم آن لائين ٿي چڪو آهي ته جيئن  شاگردن  ڏکيائون نه ٿين.  ۽ نئين گريڊنگ سسٽم جي حوالي سان ڪم هلي پيو جلد ئي ان تي عمل ڪيو ويندو . عوامي آواز سان ڳالهائيندي (آءِ بي سي سي) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي ملاح وڌيڪ چيو ته اهيو ادارو 1972 ۾ پارليامينٽ جي قرارداد ذريعي  عمل ۾ آندو ويو هو، هاڻي تقريبن  50 سال بعد  2023 ۾آءِ بي سي سي جو ايڪٽ ٺهرايو ويو اڳ ۾ انٽر بورڊ ڪميٽي آف چيئرمين هو  هاڻي  انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن آهي ۽ ڪميشن جوڙڻ ۾ وفاقي وزير جو وڏو ڪردار آهي ، هينئر آئي بي سي سي اڳ کان وڌيڪ ڪم بهتر ڪم پئي ڪري جلد ئي مختلف بورڊز جا چيئرپرسن جي  فني مهارت لاءِ ٽريننگ ورڪشاپ ڪرائي رهيا آهيون  ته جيئن ٽيڪنالاجي بيسڊ سسٽم ۾  اچن،آءِ بي سي سي  جي گڏجاڻي ۾ جيڪي فيصلا ٿيندا آهن ان تي عمل  بورڊ آف گورنس ا ڪرائيندا آهن، هن وڌيڪ چيو ته ٻن سالن اندر گريڊنگ سسٽم تبديل  ٿي ويندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.