پاڪستان لائين وڇائڻ ۾ناڪام، ايران عدالت وڃڻ لاءِ آخري نوٽيس ڏئي ڇڏيو

تهران ( م ڊ ) پاڪستان لائين وڇائڻ ۾ناڪام، ايران عدالت وڃڻ لاءِ آخري نوٽيس ڏئي ڇڏيو، گئس لائين وڇائڻ ۾ ناڪامي تي ايران ٽياڪڙي واري عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو،  اسلام آباد ۾ ايران جي ان قدم کي اوچتو ۽ حيران ڪندڙ قرار ڏنو پيو وڃي ،  ايران پاڪستان کي چيو آهي ته تهران وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي بچيو ته  هو گئس پروجيڪٽ جي تحت پائيپ لائين تعمير نه ڪرڻ تي پاڪستان خلاف ايندڙ مهيني ۾ فرانسيسي قانون تحت پيرس جي ٽياڪڙي عدالت سان رابطو ڪري جيڪو آمريڪي پابندين کي تسليم نٿو ڪري. جي ايس سي پي  2009 ۾ فرانسيسي قانون تحت داخل ڪيو ويو جتي پيرس جي ٽياڪڙي عدالت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ تڪرارن جي فيصلي لاءِ فورم آهي.   جيڪڏهن ايران سيپٽمبر 2024 تائين ڪنهن به بهاني سان عدالت وڃڻ جو حق استعمال نه ڪري ها ته هو پاڪستان خلاف قانوني جنگ شروع ڪرڻ جو حق وڃائي ڇڏي ها.  ايران ان کان اڳ 2022ع ۾ پاڪستان کي پنهنجو ٻيو قانوني نوٽيس جاري ڪيو هو جنهن ۾ پاڪستان کي چيو ويو هو ته هو پنهنجي سرزمين تي ايران-پاڪستان  پيٽرول پروجيڪٽ جو حصو فيبروري-مارچ 2024ع تائين تعمير ڪري يا 18 ارب ڊالرجو ڏنڊ ادا ڪرڻ لاءِ تيار رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.