ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي . ڪيترن ئي گم ٿيل شهرين جا وارث ۽ وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيا، عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته شهرين جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن ؟ جاچ آفيسر چيو ته شهرين جي بازيابي لاءِ سڄي ملڪ جي ايجنسين کي خط موڪليا ويا آهن.جاچ آفيسر چيو ته جي آءِ ٽي جا ڪيترائي اجلاس ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي چڪا آهن.عدالت پڇاڻو ڪيو ته ضلعي اولهه جي علائقي مان گم ٿيل شهري محمد يوسف جي بازيابي لاءِ ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي ؟ جاچ آفيسر چيوته عدالتي حڪم کانپوءِ جي آءِ ٽي جو اجلاس ٿيو، جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته درخواستگذار گم ٿيل شهري سان جنهن نمبر تي رابطو ڪيو اهو نمبر پوليس کي فراهم ناهي ڪيو ويو.عدالت چيو ته توهان نه سي ڊي آر ڪڍرائي ۽ نه ئي ڪا ڪارروائي ڪئي .پوليس رپورٽ موجب ڪراچي جي مختلف علائقن گلش اقبال مان دائود احمد،بوٽ بيسن واري علائقي مان هٽير خان، پير آباد واري علائقي مان محمد يوسف ۽ ٻيا شهري لاپتا آهن، عدالت جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .عدالت شهرين جي بازيابي لاءِ ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي . عدالت درخواستن جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.