ڪراچي (رپورٽر) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين راشد محمود لنگريال چيو آهي ته واپاري دوست اسڪيم ڪنهن به صورت ۾ واپس نه ٿيندي.ڪراچي ۾ واپارين سان ملاقات دوران ايف بي آر چيئرمين چيو ته واپاري دوست اسڪيم کي ڪنهن به صورت ۾ واپس نه ڪيو ويندو، واپارين جي سهڪار سان ئي واپاري دوست اسڪيم تي عمل ڪيو ويندو.هن چيو ته واپارين جا سمورا جائز مطالبا پورا ڪيا ويندا، مارڪيٽ ريٽ تبديل ڪري سگهجي ٿو، ننڍن دڪانن تي غير ضروري بار نه وڌو ويندو.چيئرمين ايف بي آر وڌيڪ چيو ته ايڊوانس انڪم ٽيڪس جو صاف ۽ شفاف طريقو ٺاهيو ويندو.