ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سنڌ جي وائلڊ لائيف کاتي جي ماهرن جي جائزي ڪميٽي ڪارونجھر جبل جي کارسر واري ماڳ تي گرينائيٽ جي ڪٽائي جي اتفاق راءِ سان مخالفت ڪري ڇڏي آهي.سنڌ ڪابينا جي هدايتن تي قائم ڪيل ڪميٽي چيو آهي ته جهنگلي جيوت لاءِ محفوظ پناهه گاهه قرار ڏنل ڪارونجهر جي ڪنهن به حصي ۾ گرينائيٽ جي مائننگ نه ٿي ڪري سگهجي.ڪميٽي ميمبرن متفقه طور تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ته ڪارونجهر جبل جي حد کي حصن ۾ نه ٿو ورهائي سگهجي، سڀئي حصا هڪ آهن جنهن کي جهنگلي جيوت کاتي جيوت لاءِ محفوظ پناهه گاهه قرار ڏنو آهي. ڪميٽي چيو ته ڪارونجهر جو هي سلسلو رڻ ڪڇ وائلڊ لائف سينڪچوري جو حصو هجڻ سان گڏ رامسر ڪنوينشن تحت ان سموري علائقي کي عالمي سطح تي تحفظ حاصل آهي، ان ڪري اتي ڪا به مائننگ نه ٿي ڪري سگهي. ڪميٽي مطابق، جبل جو هي سلسلو ناياب ٻوٽن، جانورن، پکين، مماليه، ريپٽائلس، ايمفبيئنز (جيڪي جانور زمين ۽ پاڻي ۾ رهي سگهن ٿا) ۽ ان ورٽيبرٽس جانورن لاءِ هڪ رهائشگاهه آهي. تنهن ڪري هن جبل جي سلسلي جي ڪنهن به حصي ۾ گرينائيٽ جي مائننگ نه ٿي ڪري سگهي. نظرثاني ڪميٽي پنهنجي سفارشن ۾ چيو آهي ته ’بائيو ٽورازم‘ يا وائلڊ لائف آبزرويشن ٽورازم شروع ڪيو وڃي ته جيئن علائقي جي مڪمل تحفظ سان گڏ معاشي فائدا حاصل ڪري سگهجن.ڪميٽي سنڌ وائلڊ لائيف پروٽيڪشن ايڪٽ 2020 جي سيڪشن نو، 21 ۽ فورٿ شيڊول، رولز 6 ۽ 7 ، جهنگلي جيوت ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ جي قانوني تعريف، رڻ ڪڇ وائلڊ لائف سينڪچري نوٽيفڪيشن، رن آف ڪڇ وائلڊ لائف سينڪچري جو نقشو ۽ رامسر ڪنوينشن جي ويب سائيٽ تان ڊائون لوڊ ڪيل معلوماتي شيٽ جو جائزو ورتو. ڪميٽي اجلاس جي پنجن صفحن تي ٻڌل منٽس موجب، سنڌ حڪومت پاران ’سنڌ جو پکي‘ قرار ڏنل مور پکي هن علائقي ۾ نمايان ملي ٿو، سرمائي لنگور ۽ ڳجهين جا ناياب نسل به هن علائقي مان ملن ٿا. ڪميٽي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جو جائزو وٺندي چيو ته اهي حڪم ڌرين لاءِ پابند آهن، انهن تي پوري جذبي سان عمل ڪيو وڃي. عدالت جيڪي رهنما اصول جاري ڪيا آهن، اهي صوبائي، قومي ۽ بين الاقوامي قانونن ۽ گھڻ طرفي ماحولياتي معاھدن جي دائري ۾ آھن. ڪميٽي وڌيڪ چيو ته پورو ڪارونجهر رينج قانوني طور تي هڪ يادگار آهي ۽ ان کي ٽڪرن ۾ ورهائي نٿو سگهجي ۽ نه ئي ڪو حصو امڪاني ڪٽائي جي حوالي ڪري سگهجي ٿو، ڪنهن به قسم جي ڪٽائي نه رڳو ان جي خوبصورتي کي تباهه ڪري ڇڏيندي پر ان جي جاگرافيائي شڪل کي به تباهه ڪري ڇڏيندي. ڪميٽي موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت جي ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت کاتي کي حڪم ڏنو هو ته هو انهن سمورن جانورن، پکين جي پناهه گاهه کي بحال ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻي، جن جي رهائش ڪارونجهر ۾ آهي ان کان سواءِ اتي وڻڪاري ۽ قديم جين ڌرم جي مندرن جي بحالي ۽ حفاظت جو حڪم ڏنو هو. ڪميٽي جي ميمبرن وڌيڪ چيو ته جيئن ماضي ۾ ميلبورن يونيورسٽي عالمي ماحولياتي ڪنوينشن تحت کيرٿر نيشنل پارڪ تي موسمياتي تبديليءَ جي اثرن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ مطالعو ڪيو هو، اهڙي طرح آزاد ۽ غيرجانبدار عالمي ماهرن کان ڪارونجهر تي موسمياتي تبديليءَ جي اثرن جو جائزو وٺرايو وڃي. ڪميٽي سفارش ڪئي ته رڻ ڪڇ وائلڊ لائيف سينڪچوري ۾ ايڪو ٽوئرازم لاءِ ڊبليو ڊبليو ايف ۽ آءِ يو سي اين فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪن.ڪميٽي وڌيڪ سفارش ڪئي ته سنڌ وائلڊ لائيف پروٽيڪشن، پريزرويشن، ڪنزرويشن ۽ مئنيجمينٽ رولز 2022 جي قاعدي ست جي ذيلي قاعدي ڇهين تحت ڪميٽي جي هن اجلاس ۾ ڪيل سفارشون سنڌ جي وڏي وزير کي پيش ڪيون وڃن ته جيئن انهن سفارشن جي روشني ۾ آرڊر جاري سگهي. سنڌ جي جهنگلي جيوت کاتي جي سيڪريٽري ڪميٽي جون سفارشون چيف سيڪريٽري ڏانهن اماڻي ڇڏيون.ان حوالي سان وڏي وزير جي ترجمان عبدالرشيد چنا جو چوڻ آهي ته ڪميٽي پاران ڏنل سفارشون اڃا تائين سامهون نه آيون آهن، جڏهن مليون ته انهن سفارشن جي روشني ۾ قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو.”جيڪڏهن ڪميٽي سفارش ڪري ٿي ته مائنننگ نه ٿي ڪري سگهجي ته موجوده ليزن کي رد ڪيو ويندو.”