اسلام آباد (م ڊ):. سينيٽ ۾ بلوچستان جي معاملي تي بحث ۾ سينيٽرن دهشت گردي جي واقعن تي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته دهشت گردن کي واپس گهرائڻ تي اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد، اڳوڻي وزيراعظم پي ٽي آءِ باني عمران خان کان پڇاڻو ڪيو وڃي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان اسان سڀني جي دلين جي ويجهو آهي ۽ اتي جيڪو ڪجهه ٿيو، ان تي هر پاڪستاني غمگين آهي. هن چيو ته اسان کي ڪنهن به قيمت تي ملڪ ۾ امن بحال ڪرڻو پوندو ۽ رياست کي تسليم ڪندڙن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته گڏجي حل ڳولڻ گهرجي. هن چيو ته ڊائلاگ جي نالي غلطي ڪئي سين، صرف رياست کي مڃيندڙن سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. اسحاق ڊار جي تقرير دوران مخالف ڌر جا ميمبر گوڙ ڪندا رهيا. اي اين پي اڳواڻ ايمل ولي سينيٽ ۾ تقرير ڪندي چيو ته اڄ جنهن کي اسان فساد سڏي رهيا آهيون، ان کي پاڪستان جي رياست جهاد جي نالي تي پروموٽ ڪيو آهي. هن چيو ته اسان آمريڪي جهاد کي هٿي ڏني، رياست کي اربين ڊالر مليا، اعلان ڪيا ويا ته افغانستان ۾ غلامي جون زنجيرون ٽوڙي ويون آهن، اسامه بن لادن کي ايوان ۾ شهيد چيو ويو ۽ پاڪستان جي آباديءَ جو وڏو حصو ذهني طور دهشتگرد آهي. سينيٽر ايمل ولي چيو ته بلوچستان ٿيل واقعا ڏکوئيندڙ آهن، ايوان کي ان تي فيصلو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اي پي ايس ۽ قوم جي دهشتگردن کي آزاد ڪيو ويو ته پوءِ معمولي قيدين کي به آزاد ڪيو وڃي هن چيو ته جنرل باجوه، جنرل فيض ۽ عمران خان ملي ڀڳت ڪري 40 هزار دهشتگردن کي واپس آڻي آباد ڪيو ، جيستائين سهولتڪار ختم نه ٿيندا تيستائين دهشتگردي ختم نه ٿي سگهندي. ايمل ولي مطالبو ڪيو ته انڪوائري ڪميٽي جوڙي وڃي، جنرل باجوه، جنرل فيض، اڳوڻي صدر عارف علوي ۽ محمود خان کان پڇيو وڃي ته ڇا مفاهمت ڪئي وئي هئي؟ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته انٽيليجنس ادارن پنج، ڇهه ڪلاڪ هٿياربندن کي گنجائش ڏني ته جيڪو ڪرڻو آهي، اهو ڪري وٺو، انهن واقعن دوران ادارا ڇا ڪري رهيا هئا. ڇا هي انٽيلجنس ناڪامي ناهي. هن چيو ته ايجنسين کي صوبو ادائگي ڪندو آهي. باقاعدي خرچ جو بل ايندو آهي. هي واقعو مذمت جوڳو آهي. جيڪڏهن اهي واقعا ٿيندا رهن ۽ اسان تي الزام لڳندا رهن ته پوءِ حڪومتن کي حڪومت ڪرڻ جو حق ناهي.