بلوچستان ۾ ڪنهن آپريشن جي ضرورت ناهي، دهشتگرد هڪ ايس ايڇ او جي مار آهن: محسن نقوي

ڪوئيٽا (م ڊ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته دهشتگردن لڪي حملو ڪيو، سندن مڪمل بندوبست ٿيندو، بلوچستان ۾ ڪنهن آپريشن جي ضرورت ناهي، هي دهشتگرد هڪ ايس ايڇ او جي مار آهن، بلوچستان ۾ جيڪو ٿيو ان تي دل ڏکويل آهي ۽ اهو برداشت جوڳو ناهي. هن چيو ته جيڪي سمجهن ٿا ته اهي اسان کي  اهڙن واقعن سان ڊيڄاري سگهن ٿا انهن کي جلد سخت پيغام ملي ويندو. گهرو وزير چيو ته بلوچستان سڀ کان وڏو صوبو آهي، دهشتگرد ننڍي علائقي ۾ ڪارروائي ڪن ٿا، وڏو علائقو آهي جنهن ڪري جيتري به فورس مقرر ڪجي ڪم ڏکيو هوندو آهي. سرفراز بگٽي چيو ته دهشتگرد ريڪي ڪري سڀ کان ڪمزور هدفن کي نشانو بڻائين ٿا، مسافرن کي لاهي کڻي ويا ۽ پوءِ اتان کين قتل ڪري فرار ٿي ويا. دهشتگردن خلاف ڪارروائي جاري آهي ۽ انهن جي خاتمي تائين جاري رهندي.  ان کان اڳ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بلوچستان پوليس ۽ ليويز جي پروفيشنل صلاحيت کي وڌايو ويندو بلوچستان پوليس کي جديد اوزار ۽ سامان ڏنو ويندو. بلوچستان ۾ پوليس اهلڪارن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ نوان اي ايس پي مقرر ڪيا ويندا. بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ گهربل فنڊز جي منظوري اپيڪس ڪاميٽي مان ورتي ويندي. چمن ۾ پاسپورٽ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اسٽاف ۽ سهولتون وڌايون وينديون، وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) سوشل ميڊيا تي رياست مخالف سرگرمين ۽ پروپيگنڊا کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي ڪارروائي ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.