اسٽيبلشمينٽ جلسو ملتوي ڪرڻ لاءِ مون سان رابطو ڪيوهو :گنڊاپور

پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته هن 22 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ جلسو ملتوي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان فون تي ڳالهائڻ کان به انڪار ڪيو هو، خيبرپختون  خواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اسلام آباد ۾ ملاقات ملتوي ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ مون سان رابطو ڪيو هو، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ هيٺين سطح تي رابطو نه ڪيو هو ، مان وڏو وزير آهيان، ان ڪري مون سان ان ئي سطح تي رابطو ڪيو ويو. علي امين گنڊاپور چيو ته 22 آگسٽ تي ٿيندڙ جلسو مون ملتوي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽  پي ٽي آءِ باني سان فون تي ڳالهائڻ کان به انڪار ڪيو هو.هن چيو ته مون کيس چيو هو ته پي ٽي آءِ باني کي مون وٽ آڻيو يا مون سان وڊيو ڪال تي ڳالهائڻ ڏيو.

  1. سياسي ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: شاهد خاقان

اسلام آباد(م ڊ) عوام پاڪستان پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ سياسي ڏڦيڙ ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان چيو ته سياسي پارٽيون گڏجي ويهي ملڪي مسئلن جو حل ڳولين، هڪ تنظيم کلي عام دهشتگردي جو اعلان ڪري رهي آهي.هتي ڪرسين جي ڊوڙ آهي، اڄ مينڊيٽ تي شڪ آهي، انهن سڀني شين کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو، هن چيو ته سياسي استحڪام سان مسئلا حل ٿيندا، جڏهن سياسي استحڪام نه هوندو ته بلوچستان جهڙا واقعا ٿيندا آهن، هتي پنهنجي مفادن کي پري رکي ملڪ کي استحڪام ڏيڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.