سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي گوڙ دوران اليڪشن ايڪٽ منظور

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ مان  مخالف ڌر جي گوڙ ۽ شور دوران اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل منظور ٿي ويو آهي.  سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي  چيئرمين سيدال خان جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ دهشتگردي دوران شهيد ٿيل ماڻهن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. پي ٽي آءِ سينيٽر اعجاز چوڌري جا پروڊڪشن آرڊر جاري به ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو. قانون واري وفاقي وزير اعظم تارڙ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل پيش ڪيو، جنهن جي منظوري ڏني وئي. ان موقعي تي اعظم نذير تارڙ اسلام آباد لوڪل گورنمنٽ ترميمي بل به ايوان ۾ پيش ڪيو. اعظم نذير تارڙ چيو ته هي بل قومي اسيمبلي منظور ڪيو آهي. ان تي پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز چيو ته اهو چوڻ ڀوڳ آهي ته بل قومي اسيمبلي مان پاس ٿيو آهي، اسان ربر اسٽيمپ ناهيون. هن چيو ته هي بل بدنيتي تي ٻڌل آهي، ايوان کي ڀوڳ نه بڻايو وڃي. هن چيو ته بل کي اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو وڃي. بعد ۾ اسلام آباد لوڪل گورنمنٽ ترميمي بل 2024ع جي سينيٽ مان به منظوري ڏني وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.