اسلام آباد (نصرت جاويد): شهباز شريف جي وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ جي سهاري بيٺل آهي. هاڻي حڪومت چاهي ٿي ته ڪو جڳاڙ ڪري ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري آئيني ترميم ڪري قاضي فائز عيسي’ جي نوڪريءَ جي واڌ ڪري حڪومت بچائي وڃي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ حڪومت کي پيغام موڪليو آهي ته جيڪڏهن کيس محسوس ٿيو ته اها منهنجو مدو وڌائڻ لاءِ آئيني ترميم ڪئي آهي ته هو قطعي طور ايڪسٽيشن نه وٺندو.