گهوٽڪي قلم ڌڻين لاءِ مقتل گاهه، اوٻاوڙو ويجهو هٿياربندن بچل گهنڃو کي شهيد ڪري ڇڏيو

اوٻاوڙو/رائونتي/ميرپورماٿيلو ( نمائندن وٽان ) گهوٽڪي قلم ڌڻين لاءِ مقتل گاهه بڻجي ويو،ڪجهه مهينن اندر شهيد نصرالله گڏاڻي کانپوءِ هڪ ٻئي قلم ڌڻي کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو،  اوٻاوڙو ويجهو هٿياربندن بچل گهنڃو کي شهيد ڪري ڇڏيو، پراڻي دشمني تان تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن زمين تي ويندڙ صحافي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، گوليون لڳڻ سبب صحافي بچل گهنڃو ٿڏي تي قتل ٿي  ويو، پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو،  شھيد صحافي محمد بچل جو  لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ، وارثن ۽ صحافين شھيد جو مڙھه اوٻاوڙو مان کڻي ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ، مظاهرين جوابدارن ۽ پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي،  ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ  جو چوڻ هو ته سندس ڀاءُ کي پنھنجي ئي برادري جي ماڻھن ياسين گھنڃو، نذير گھنڃو، غلام قادر گھنڃو ۽ ٻين حملو ڪري شهيد ڪيو آهي،ڌرڻي سبب قومي شاھراهه ٻنھي طرفن کان بلاڪ ٿي وئي،  ڊي ايس پي ڪمپلين سيل عبدالواھاب پتافي ۽ ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر چاچڙ وارثن سان ڳالهيون ڪيون، جوابدارن کي ٽن ڏينھن اندر  گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي آڻڻ جي خاطري بعد وارثن  قومي شاھراهه تان ڌرڻو ختم ڪري لاش گهر کڻائي ويا، شهيد صحافي جو جنازي نماز اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪرڻ بعد مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو،  ھوڏانھن آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

  1. وڏي وزير ۽ شرجيل ميمڻ بچل گهنڃو جي قتل جو نوٽيس ورتو

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه رائونتي ۾ هٿياربندن هٿان قتل ڪيل صحافي بچل گهنڃو واري معاملي تي ڏک جو اظهار ڪندي جوابدار کي جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، هوڏانهن سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ گهوٽڪي ۾ صحافي بچل گهنجو جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بچل گهنجو جو قتل اظهار تي آزادي تي حملو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته صحافي جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

  1. بلاول ڀٽو زرداري پاران صحافي بچل گهنڃو جي شهادت تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  گهوٽڪي ضلعي ۾ صحافي محمد بچل جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پ پ چيئرمين چيو ته مون کي يقين آهي ته محمد بچل شهيد جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اظهار جي آزادي تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته صحافين جي تحفظ جي حوالي سان ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي آهي ۽ نه وري ٿيندي، هن چيو ته مان شهيد محمد بچل جي خاندان کي يقين ڏياريان ٿو ته انصاف جي حصول ۾ساڻن گڏ بيٺو رهندس.

  1. صحافي بچل گهنڃو جي قتل واقعي جو ڊي آءِ جي سکر نوٽيس ورتو،جاچ جو حڪم

ميرپورماٿيلو ( ن ع آ )  ميرپورماٿيلو راونتي جي قتل ٿي ويل صحافي محمد بچل گُهنڃو جو ڊي آءِ جي پير محمد شاهه نوٽس وٺندي صاف انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،هن حڪم ڏنو ته ايس ايس پي گهوٽڪي سميت ھڪ ٽيم ٺاهي وڃي جيڪا واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪري.صحافي کي سندس ئي برادري جي ماڻهن حملو ڪري قتل ڪيو.محمد بچل گُهنڃو جي ڀاءُ جي وڊيو بيان ۾ اعتراف ڪندي الزام مڙهيو ته منهنجي ڀاءُ کي برادري جي ماڻهن قتل ڪرايو آهي جنهن کي کين گرفتار ڪيو وڃي.

  1. صحافي بچل گهنڃو کي اسان قتل ناهي ڪيو، الزام بي بنياد آهي: بشير گهنڃو

ميرپور؛  صحافي بچل گهنڃو جي قتل الزام هيٺ آيل مائٽ بشير گھنڃو ھڪ ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ھن محمد بچل گُهنڃو کي قتل ناھي ڪرايو، سندس قتل ڪرڻ جو ڪوڙو الزام لڳائي ڦاسايو پيو وڃي، جڏھن ته صحافي محمد بچل گُهنڃو جي ڀاءُ ڊي آءِ جي سکر ايس ايس صاحب گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو آهي ته ھن واقعي جي شفاف جاچ ڪري سندس ڀاءُ جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.