قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪورم پورو نه هجڻ سبب ملتوي، اپوزيشن جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪورم پورو نه هجڻ سبب ملتوي، اپوزيشن واڪ آئوٽ ڪيو، ايوان ۾ ڪيترائي آئيني ترميمي بل پيش ٿيڻا هئا، قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪورم پورو نه هجڻ سبب ملتوي ڪيو ويو،  اپوزيشن ميمبر اورنگزيب ڪڇي پاران ڪورم  جي نشاندهي ڪرڻ بعد اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪيو ويو جڏهن ته گذريل ايوان ۾ ڪيترائي آئيني ترميمي بل پيش ٿيڻا هئا. اجلاس ملتوي ٿيڻ سبب بل پيش نه ٿي سگهيا. هوڏانهن اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نويد قمر کي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪرڻو هو، پر نويد قمر پاڻي وسيلن واري وزير جي عدم موجودگي تي سخت تنقيد ڪئي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ نويد قمر جي موقف جي حمايت ڪندي چيو ته ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيڻو هو، قومي اسيمبلي جي اجلاس سبب وفاقي ڪابينا جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو، وزير نه آيا آهن. اسان جي درخواست تي کين هتي اچڻ گهرجي ها.

  1. توشا خانا ٽو ڪيس: عمران خان ۽ بشرا بيبي جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس

اسلام آباد: (م ڊ) احتساب عدالت توشه خانا 2 ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بيبي جي گرفتاري کانپوءِ واري ضمانت جي درخواست تي قومي احتساب بيورو کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ضمانت واري درخواست  تي دليل طلب ڪري ورتا. احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بيبي جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت30 آگسٽ تي ڌرين کي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

  1. نقيب الله قتل ڪيس، عدالت وڪيل جي غير حاضر هجڻ تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ ٻين جي بريت خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي. اسسٽنٽ وڪيل چيوته درخواستگذار جو وڪيل جبران ناصر هڪ ٻي عدالت ۾ مصروف آهي، عدالت چيوته اڄ ڪيترن ئي ڪيسن جي ٻڌڻي ٿيڻي آهي، فوري ٻڌڻي لاءِ نئين درخواست داخل ڪئي وڃي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي . درخواست مقتول نقيب الله جي ڀاءُ عالم شير طرفان داخل ڪئي وئي آهي.اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت رائو انوار ۽ ٻين جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو ۽ ثبوتن کي نظرانداز ڪيو. اپيل ۾ استدعا ڪئي وئي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو ڪالعدم ڪيو وڃي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله قتل ڪيس جو فيصلو 23 جنوري 2023 تي ٻڌايو هو. عدالت رائو انوار سميت 18 جوابدارن کي ثبوت نه ملڻ تي بري ڪري ڇڏيوآهي .

  1. مولانا فضل الرحمان اڄ واپارين جي هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان واپارين جي هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. جي يو آءِ (ف) جي سربراهه چيو ته مهانگائي ۽ غير قانوني ٽيڪس عوام جي زندگي جنجال ڪري ڇڏي آهي. آءِ  ايم ايف جي حڪم تي ٺهندڙ بجيٽ عوام کان ماني کسي ورتي آهي، ڪارڪن پرامن هڙتال کي ڪامياب بڻائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.