گھوٽڪي (رپورٽ: محمد يوسف منگي ) حسين ٻيلي ڳوٺ لالو والي جي مغوي جي زنجيرن ۾ ٻڌل ڌاڙيلن ويڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي، ويڊيو ۾ ڏسي سگھي ٿو ته ڪچي واري علائقي ۾ مغوي خادم مگسي کي ڪچي واري علائقي ۾ درياءُ جي پاڻي ۾ ويھاري مٿس ھٿيار تاڻي ويڊيو ريڪارڊ ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ مغوي خادم مگسي پنهنجي وارثن ممتاز ۽ ماما بشير کي روئيندي منٿيون ڪري رھيو آھي ته مون کي بچايو، ھنن کي پيسا ڏيو ، اڄ آخري ڏينھن آھي، ان کانپوءِ مون کي ماري ڇڏيندا، لاش لوڙھي ڇڏيندا، اھڙو ويڊيو روزاني عوامي آواز کي ھٿ اچڻ بعد سندس مامي شھبان مگسي سان رابطو ڪيو ويو، جنھن تصديق ڪئي آھي ته ويڊيو ۾ نظر ايندڙ مغوي خادم مگسي جي آھي، ڪجھه ڏينھن اڳ مغوي جي وارثن احتجاج ڪندي قومي شاھراھ بلاڪ ڪيو، پوليس پنج ڏينھن جي مهلت گهري پر اڃا تائين بازياب به ڪرائي سگھي آهي.