اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ جو فيصلو افسوسناڪ ۽ ظالماڻو آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته حڪومت جو يوٽيلٽي اسٽور بند ڪرڻ جو فيصلو ظالماڻو ۽ انتهائي افسوسناڪ آهي، اهڙن فيصلن کان اڳ عوامي مسئلن تي غور ويچار، بحث ۽ فڪر جي ضرورت آهي. هن چيو ته عوام جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 50 سال اڳ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن قائم ڪئي. هن چيو ته ملڪ جي عوام کي سستي اگهه تي کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو به امدادي ادارو ناهي ۽ موجوده مهانگائي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ جو فيصلو نامناسب ۽ ظالماڻو آهي.