يوٽيليٽي اسٽور بند ڪرڻ تي وفاقي حڪومت کان جواب طلب

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽور بند ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت ۽ ٻين کان جواب طلب  ڪري ورتو. جسٽس محمد رضا قريشي يوٽيلٽي اسٽورز ايسوسيئيشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار مزمل رفيق طرفان آصف شهزاد ساهي ايڊووڪيٽ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته درخواستگذار 10 سالن کان يوٽيلٽي اسٽور جو ملازم آهي. يوٽيلٽي اسٽور هڪ منافعي بخش ادارو آهي، جيڪو 2 ارب رپين جو منافعو ڪمائي رهيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ درخواستگذار جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 4 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.