ڪراچي ( نمائندن وٽان ) مهانگائي خلاف واپارين پاران اڄ سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي، جماعت اسلامي پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بجلي جي ڳاٽي ٽوڙ بلن خلاف ڏنل هڙتال واري سڏ تي مختلف شهرن جي واپارين حمايت جو اعلان ڪيو، اسلام آباد، ڪراچي، لاهور،پشاور ، ڪوئيٽا جي واپارين پاران هڙتال جي حمايت ڪندي اڄ ڪاروبار بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، نوابشاهه، ميرپورخاص سميت ٻين شهرن ۾ به اڄ ڪاروبار بند رکي هڙتال رڪارڊ ڪئي ويندي.